جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

مورو شهر فونيڪس بيٽري جي سيل ۾ پهرين نمبر جو اعزاز ماڻي ورتو

سنڌي خبرون 06th Jan 2026 226 مناظر
مورو شهر فونيڪس بيٽري جي سيل ۾ پهرين نمبر جو اعزاز ماڻي ورتو

سکر ۾ فونيڪس جو آنر عبدالغني سچل بيٽري ادريش ڪمار پاران شاندار تقريب منعقد

مورو(جاني جماڻي) فونيڪس بيٽري جي شاندار ڪارڪردگي سبب مورو کي پهرين نمبر تي سيل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، جنهن جي خوشي ۾ سکر ۾ فونيڪس جو آنر عبدالغني صاحب سچل بيٽري ادريش ڪمار پاران هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي۔ تقريب دوران مورو واسي نامور واپاري اعجاز اليڪٽرونڪس جي سيٺ رياض حسين جويو ۽ احسان قريشي کي اسٽيج تي گهرايو ويو، جتي کين فونيڪس بيٽري جي بهترين ڪارڪردگي ۽ بهترين سيل ڪرڻ تي انعامن ۽ اعزازن سان نوازيو ويو تقريب ۾ فونيڪس بيٽري جي اعليٰ عملدارن، ڊيلرز ۽ مختلف شهرن مان آيل نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ تقرير ڪندي ڪمپني جي ذميوارن چيو ته مورو ٽيم جي محنت، ايمانداري ۽ گراهڪن سان بهتر روين سبب فونيڪس بيٽري جي سيل ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، جنهن ڪري مورو سڄي علائقي ۾ پهرين نمبر تي رهيو۔ان موقعي تي سيٺ رياض حسين جويو ۽ احسان قريشي چيو ته هي اعزاز مورو شهر جي واپارين ۽ گراهڪن جي اعتماد جو نتيجو آهي، جن هميشه فونيڪس بيٽري کي ترجيح ڏني۔ هنن واعدو ڪيو ته مستقبل ۾ به گراهڪن کي معياري پراڊڪٽس ۽ بهترين سهولتون فراهم ڪنداسين تقريب جي پڇاڙيءَ ۾ شرڪت ڪندڙن کي مبارڪون ڏنيون ويون ۽ ڪاميابي لاءِ دعا ڪئي وئي، جڏهن ته مورو جي واپارين هن اعزاز کي شهر لاءِ فخر جو لمحو قرار ڏنو۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ