بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

ميرپورخاص سي آءِ اي پوليس جو چوري جي وارداتن ۾ ملوث ضلعي سطح جو گروهه گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 30th Aug 2023 255 مناظر

شهري مسعود چيما جي گهر مان چوري ڪندڙ گروهه کي سڳ سميت پڪڙيو ويو: ايس ايس پي

ميرپورخاص (خيرالدين چانڊيو) سي آءِ اي پوليس ميرپورخاص جي چوري جي وارداتن ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي، مسعود چيما جي گهر مان چوري ڪندڙ ضلعي سطح جو گروهه گرفتار، مسعود چيما جي گهر مان چوري جو سامان هٿ ـ تفصيل موجب نامعالوم جوابدار مسعود چيما جي گهر مان 2 پستول، سون ۽ چاندي جا زيور ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ايس ايس پي ميرپورخاص ڪيپٽن (ر) اسد علي چوڌري جي ھدايتن تي سي آءِ اي انچارج عنايت علي زرداري، ڊي آءِ بي انچارج دانش احمد، ۽ ايس ايڇ او ٽائون افتخار باجوا ٽيم سان گڏ ڪارروائي ڪري ضلع سطح جي گروهه جي جوابدار مسري عرف دادو ۽ غلام دين پنهور کي گرفتار ڪري مسعود چيما جي گهر مان چوري ٿيل چاندي جا زيور ۽ 2 پستول ھٿ ڪيا ويا پوليس مطابق جاچ دوران جوابدارن چورين جو اعتراف پڻ ڪيو آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ