اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

هالاڻي جي صحافي خليل اعواڻ تي ٿيل مبينا حملي خلاف نوشهرو فيروز ۾ احتجاج

سنڌي خبرون 04th Aug 2026 133 مناظر
هالاڻي جي صحافي خليل اعواڻ تي ٿيل مبينا حملي خلاف نوشهرو فيروز ۾ احتجاج
نوشهرو فيروز(ڊر)هالاڻي جي صحافي خليل اعواڻ تي ٿيل مبينا حملي خلاف پريس ڪلب نوشهرو فيروز پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين حملي ۾ ملوث وڏيري معروف هاليپوٽو خلاف زوردار نعرا هنيا ۽ سندس گرفتاري جو مطالبو ڪيو. احتجاج جي اڳواڻي پريس ڪلب نوشهرو فيروز جي صدر محمد يونس راڄپر، جنرل سيڪريٽري فقير علي نواز سولنگي، خادم حسين مري، شاهد خانزاده، امتياز علي سومرو، عادل عباسي، فقير ميهر علي بهڻ ۽ راجا رجب سمون ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته صحافي خليل اعواڻ تي ڪوريج دوران هالاڻي جي مقامي وڏيري معروف هاليپوٽو پنهنجي ساٿين سميت مٿس حملو ڪيو، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. زخمي صحافي کي علاج لاءِ نوابشاهه جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. هنن چيو ته صحافي سماج جي مسئلن کي اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ جو اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، پر افسوس جو کين پنهنجي پيشيوراڻين ذميوارين دوران حملن ۽ تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هنن الزام هنيو ته واقعي کي ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود هالاڻي پوليس نه ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ نه ئي جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي. جيڪڏهن فوري طور ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته ايس ايس پي آفيس نوشهرو فيروز آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ