ٺٽي م جماعت اسلامي پاران ملڪ گير احتجاج بابت پمفليٽ ورھايا ويا
جماعت اسلامي ضلعي جي امير ايڊووڪيٽ عبدالمجيد سمون ٻين دعوت ناما بھ ورھايا
ٺٽو( شفيق ڀٽي)جماعت اسلامي ضلعي جي امير ايڊووڪيٽ عبدالمجيد سمون ٻين ضلعي اڳواڻن الطاف احمد ملاح،مولانا عطاؤالرحمان بلوچ،عبداللہ گندرو ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب تي پھچي حڪومت پاران پئٽرول تي ناجائز ليوي ٽئڪس مڙھڻ خلاف جماعت اسلامي مرڪز پاران 7 آگسٽ تي ڏنل ھڪ روزہ ملڪ گير روڊ بند ڪريو سڏ جي سلسلي ۾ دعوت نامون ڏنو،اڳواڻن اھو عزم ڪيو تہ سڄي ملڪ وانگر ٺٽي ۾ بہ بائي پاس سميت روڊ رستا ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪيا ويندا.ھنن عوام کي 7 آگسٽ تي پئٽرول ليوي ٽئڪس خلاف احتجاج ۾ شرڪت ۽ ان ڏينھن پھنجي گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن کي بند رکڻ جي اپيل ڪئي آھي