جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

ٽنڊوآدم لڳ ڊاٽسن جي ٽڪر ۾ پورهيت فوت، هڪ ڄڻو زخمي

سنڌي خبرون 27th Jun 2024 83 مناظر
ٽنڊوآدم لڳ ڊاٽسن جي ٽڪر ۾ پورهيت فوت، هڪ ڄڻو زخمي

ٽنڊوآدم لڳ ڊاٽسن جي ٽڪر ۾ پورهيت فوت، هڪ ڄڻو زخمي

ٽنڊوآدم ( حسنين علي ساند) ٽنڊوآدم لڳ ڊاٽسن جي ٽڪر ۾ 35 سالن جو پورهيت فوت هڪ زخمي اسپتال داخل رپوٽ موجب ٽنڊوآدم تعلقه ٿاڻي حد ڀٽ شاهه روڊ تي تيز رفتار ڊاٽسن جي ٽڪر ۾ 35 سالن جو پورهيت عنايت الله جمالي ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته ڊاٽسن ڊرائيور غلا مرتضا لغاري زخمي ٿي پيو فوتي پورهيت ۽ زخمي کي تعلقه اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪارروئي بعد فوتي جو مڙه وارثن حوالي ڪيو ويو پوليس ڊاٽسن تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي واقعي جو ڪيس وغيره داخل ناهي ٿيو تعلقه پوليس موجب فوتي پورهيت ٽنڊو باگو ضلع بدين جو رهواسي آهي جيڪو هتي انبن جي باغ تي مزدوري ڪرڻ لاء آيل هو رستي تان وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا جيڪي ايندا ته ڪيس وغيره داخل ڪنداسين.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ