اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو

سنڌي خبرون 27th Jul 2026 124 مناظر
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو

هاليجي ڍنڍ جي ماحولياتي نظام، وائلڊ لائيف جي تحفظ ۽ سياحتي اهميت کي هٿي ڏيڻ بابت غور ويچار

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ هاليجي ڍنڍ جي ماحولياتي نظام، وائلڊ لائيف جي تحفظ ۽ سياحتي اهميت کي هٿي ڏيڻ بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنھن ۾ وائلڊ لائيف، سياحت، ٽقافت ،لوڪل گورنمينٽ ، سوشل ويلفيئر ۽ اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي - اجلاس ۾ هاليجي ڍنڍ جي قدرتي حسن جي بحالي، جهنگلي جيوت ۽ لڏپلاڻ ڪندڙ پکين جي تحفظ، سياحن لاءِ بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ عالمي شهرت يافته رامسر سائيٽ طور هاليجي ڍنڍ کي وڌيڪ مؤثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ بابت مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت چيو ته هاليجي ڍنڍ ٺٽي جي تاريخي ، قدرتي ۽ ماحولياتي ورثي جو اهم حصو آهي، جنهن کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته هاليجي ڍنڍ جي تحفظ، صفائي، خوبصورتي ۽ جهنگلي جيوت جي حفاظت لاءِ مؤثر قدم کنيا وڃن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 13 آگسٽ تي هاليجي ڍنڍ تي هڪ شاندار ۽ يادگار تقريب منعقد ڪئي ويندي، جنهن جا انتظام وائلڊ لائيف کاتي جي حوالي ڪيا ويا. تقريب دوران هاليجي ڍنڍ جي تاريخي، ماحولياتي ۽ عالمي اهميت بابت ماهر ، صحافي ، زيبسٽ يونيورسٽي جا شاگرد، مختلف سرڪاري کاتن جا نمائندا، غير سرڪاري تنظيمن (اين جي اوز) جا نمائندا ۽ ماحولياتي ماهر خطاب ڪندا. اجلاس ۾ اهو پڻ واضح ڪيو ويو ته مڪلي، ڪينجهر ۽ ڀنڀور جهڙن عالمي اهميت وارن تاريخي ماڳن کان پوءِ هاليجي ڍنڍ کي پڻ عالمي سطح تي نمايان ڪرڻ ۽ سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ هي پروگرام ترتيب ڏنو ويو آهي. تقريب جي پڄاڻي تي مقامي لوڪ فنڪارن پاران موسيقيءَ جي محفل پڻ پيش ڪئي ويندي، جنهن سان سنڌ جي ثقافت کي پڻ اجاگر ڪيو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ