اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

ڪوٽڙي ۾ ناري کي اغوا ڪرڻ بعد پنجن ڏينهن تائين اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف

سنڌي خبرون 23rd Oct 2024 436 مناظر
ڪوٽڙي ۾ ناري کي اغوا ڪرڻ بعد پنجن ڏينهن تائين اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف

عدالتي حڪم تي عظيم، ريحان، عمران ۽ سلطان سميت 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

ڪوٽڙيءَ ۾ نوجوان ناريءَ سان مبينا اجتماعي ڏاڍائيءَ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏھن تہ ڪوٽڙي پوليس عدالتي حڪم تي متاثر ناريءَ جي فرياد تي 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي.

ڪوٽڙيءَ جي غريب آباد ڪالونيءَ جي رهواسڻ 22 ورهين جي نوجوان ناري (ش ج) ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آهي تہ عظيم، ريحان، عمران ۽ سلطان سميت 6 جوابدارن کيس هٿيارن جي زور تي گهر مان اغوا ڪري اڻڄاتل هنڌ تي کڻي وڃي 5 ڏينهن تائين ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻايو، جنھن بعد جوابدار کيس گهر جي ٻاهران اڇلائي فرار ٿي ويا.

هوڏانهن ڪوٽڙي پوليس ڪيس داخل ڪري متاثر ناريءَ جو بلاول ميڊيڪل اسپتال ڪوٽڙيءَ مان ميڊيڪل پڻ ڪرايو آهي، جڏھن تہ پوليس اڃا تائين ڪيس ۾ گهربل ڪنهن بہ جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ