پیر، 02 نومبر 2026
بریکنگ

هڱورجا ۾ ويٽنگ اميدوارن جي وفد جي سينيٽر پير سيد ڪاظم علي شاهه سان ملاقات

سنڌي خبرون 01st Nov 2026 18 مناظر
هڱورجا ۾ ويٽنگ اميدوارن جي وفد جي سينيٽر پير سيد ڪاظم علي شاهه سان ملاقات
ھڱورجا(رپورٽر)هڱورجا ۾ 40 کان وڌيڪ اسڪور رکندڙ انتظار ڪندڙ اميدوارن جي وفد جي سينيٽر پير سيد ڪاظم علي شاهه سان ملاقات، مسئلو صوبائي وزير تعليم تائين پهچائڻ جي خاطري تفصيل موجب سنڌ جي 2021ع واري ڀرتي پاليسي تحت 40 کان وڌيڪ اسڪور حاصل ڪندڙ پر اڃا تائين نوڪرين کان محروم رهجي ويل اميدوارن جي وفد گلزار اوٺو .شهباز ملڪ جي اڳواڻي ۾ هنگورجا ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر پير سيد ڪاظم علي شاهه سان اهم ملاقات ڪري پنهنجي مسئلن بابت آگاهه ڪيو.ملاقات دوران وفد سينيٽر پير سيد ڪاظم علي شاهه کي ٻڌايو ته 2021ع جي ڀرتي پاليسي تحت 40 کان وڌيڪ اسڪور حاصل ڪرڻ باوجود اميدوار گذريل پنجن سالن کان پنهنجي جائز حق ۽ نوڪرين جي حصول لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، پر اڃا تائين کين نوڪريون نه ملي سگهيون آهن، جنهن سبب ڪيترائي نوجوان سخت پريشاني ۽ مايوسي جو شڪار آهن.وفد سينيٽر کي اپيل ڪئي ته سندن جائز مسئلي کي سنجيدگي سان وٺندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت ۽ لاڳاپيل اختيارين تائين پهچايو وڃي، جيئن سالن کان انتظار ڪندڙ اميدوارن کي انصاف ملي سگهي ۽ سندن مستقبل بابت مثبت فيصلو ڪيو وڃي.ان موقعي تي سينيٽر پير سيد ڪاظم علي شاهه وفد کي يقين ڏياريو ته سندن مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وينديون. هن چيو ته اميدوارن جو معاملو صوبائي وزير تعليم تائين پهچائيندس ۽ لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪري مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندس.ملاقات بعد وفد اميد ظاهر ڪئي ته سينيٽر پير سيد ڪاظم علي شاهه جي ڪوششن سان سندن آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچندو ۽ پنجن سالن کان جاري انتظار جو جلد خاتمو ايندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ