اتوار، 01 نومبر 2026
بریکنگ

شڪارپور ۾ ايف بي آر ۽ ھليٿ ڪيئر ڪميشن خلاف ڊاڪٽرن جو احتجاج

سنڌي خبرون 01st Nov 2026 6 مناظر
شڪارپور ۾ ايف بي آر ۽ ھليٿ ڪيئر ڪميشن خلاف ڊاڪٽرن جو احتجاج

شڪارپور ۾ ايم بي بي ايس ڊاڪٽرن کي ھيسائڻ ۽ ڌمڪائڻ جي مذمت ڪريون ٿا: ڊاڪٽر

شڪارپور(احسان ابڙو) شڪارپور ۾ ايف بي آر ۽ ھليٿ ڪيئر ڪميشن جي ناجائزين خلاف ڊاڪٽرن جو احتجاج, خبر موجب شڪارپور پريس ڪلب آڏو پي ايم اي ضلعي صدر ڊاڪٽر سيد اطھر شاهه, جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر اقبال مغل, ڊاڪٽر شوڪت ميمڻ, ڊاڪٽر گھنشاھ داس, ڊاڪٽر آفتاب ميمڻ, ڊاڪٽر سنيل ڪمار, ڊاڪٽر وحيد ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايف بي آر ۽ ھليٿ ڪيئر ڪميشن جي ناجائزين جي خلاف نٽھڻ اس ۾ سخت احتجاج ڪندي چيو ته شڪارپور ۾ ايم بي بي ايس ڊاڪٽرن کي ھيسائڻ ڌمڪائڻ ۽ ڊاڪٽرن خلاف ناجائز ڀتا خوري بند ڪئي وڃي, اسان سڀئي ڊاڪٽر احتجاجن طور پنهنجون ڪلينڪون بند ڪري ڇڏيون آهن, ھنن صدر آصف علي زرداري, وزيراعظم شھباز شريف, فيلڊ مارشل عاصم منير, وزير داخلا محسن نقوي, بلاول ڀٽو زرداري ۽ اعليٰ اختيارين کان ايف بي آر ۽ ھليٿ ڪيئر ڪميشن جي ناجائزين خلاف نوٽيس وٺي انصاف فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ