ڪنري جي گرلز ھائير سيڪنڊري اسڪول ۾ اسٽيم منعقد
شاگردياڻين پاران منفرد سائنسي ۽ تخليقي ماڊلز پيش ڪيا ويا
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪنري جي گورنمينٽ گرلس غزالي هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ اسٽيم مقابلن جو انعقاد، شاگردياڻين پاران منفرد سائنسي ۽ تخليقي ماڊلز پيش، خوب ساراھ. خبر موجب ڪنري جي گورنمينٽ گرلس غزالي هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ اسٽيم (STEM) مقابلن جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردياڻين سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ، آرٽس ۽ رياضيءَ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل منفرد ماڊلز ۽ تخليقون پيش ڪري پنهنجي ذهانت، فني مهارت ۽ جديد سوچ جو مظاهرو ڪيو. مقابلي دوران شاگردياڻين پاران پاڻيءَ ۾ ترندڙ ٻيڙي، موسيقيءَ جا پاڻ تيار ڪيل اوزار، رنگن سان سينگاريل پوسٽ ڪارڊ، پراڻي مرچ منڊي کي نئين مرچ ۾ تبديل ڪرڻ جي عمل سميت مصنوعي ذهانت (آرٽيفيشل انٽيليجنس) ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ تي ٻڌل مختلف تخليقون نمائش لاءِ پيش ڪيون ويون. شاگردياڻين جي تيار ڪيل ماڊلز ۾ سندن محنت، مشاهدي ۽ تخليقي صلاحيتن جو چٽو عڪس نظر آيو. تقريب ۾ اسٽيم جي ضلعي فوڪل پرسن اشفاق جوکيو، ڊپٽي ڊي اي او بشير کوسو، نانجي مل، ٽي اي او پرائمري فيميل راحيلا ناز ۽ تعليم دوست استاد سيد محبوب شاهه، عبدالمجيد ڀٽي، سميت استادن، مهمانن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مهمانن شاگردياڻين جي تيار ڪيل ماڊلز جو جائزو وٺندي سندن صلاحيتن ۽ محنت کي ساراهيو. اسٽيم مقابلن ۾ حصو وٺندڙ شاگردياڻين، اسڪول پرنسپال پروين ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اهڙين سرگرمين ذريعي کين ڪتابن ۾ پڙهيل ڳالهين کي عملي طور سمجهڻ ۽ نيون شيون ٺاهڻ جو موقعو ملي ٿو، مختلف ماڊلز تي ڪم ڪرڻ سان سندن ڄاڻ ۽ خوداعتمادي ۾ واڌارو ٿئي ٿو، جڏهن ته اهڙا مقابلا کين مستقبل ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهين ٿا. اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسٽيم سرگرمين جو مقصد شاگردياڻين کي رڳو ڪتابي تعليم تائين محدود رکڻ بدران عملي تجربن، تخليقي سوچ ۽ نيون شيون ايجاد ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي، جيئن اهي جديد دور جي سائنسي ۽ ٽيڪنالاجيءَ وارين گهرجن کي سمجهي سگهن. ڪنري جي هن تعليمي سرگرميءَ کي شاگردياڻين جي لڪل صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ کين جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو ويو