منگل، 17 نومبر 2026
بریکنگ

گڏاپ ۾ تيل چوري لاءِ 200 فوٽ ڊگھي ۽ ڳجھي سرنگھھ جو انڪشاف

سنڌي خبرون 17th Nov 2026 13 مناظر
گڏاپ ۾ تيل چوري لاءِ 200 فوٽ ڊگھي ۽ ڳجھي سرنگھھ جو انڪشاف

پوليس تيل چوري ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري 5جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار گڏاپ پوليس پاران سرڪاري تيل جي لائين مان خام تيل چوري ڪندڙ منظم نيٽ ورڪ خلاف ڪامياب ڪارروائي کي ساراهيندي ڊي آءِ جي اوڀر، ايس ايس پي ملير ۽ گڊاپ پوليس جي سموري ٽيم کي شاباس ڏني آهي گهرو وزير چيو ته ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي پنجن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ خام تيل چوري ڪرڻ جو منظم طريقو وائکو ڪرڻ پوليس جي پيشورانه صلاحيتن جو ثبوت آهي. سرڪاري تيل جي لائين تائين پهچڻ لاءِ 200 فوٽ ڊگهي ڳجهي سرنگ تيار ڪرڻ ۽ ان ذريعي خام تيل چوري ڪرڻ جو انڪشاف انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي. ضياءُ الحسن لنجار هدايت ڪئي ته گرفتار جوابدارن کان پڇا ڳاڇا جو دائرو وڌايو وڃي ۽ چوري ٿيل خام تيل جي خريد ۽ وڪري توڙي ان جي پهچائڻ ۾ ملوث سمورن سهولتڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي هن وڌيڪ چيو ته تيل چوري جي هن منظم نيٽ ورڪ جي سمورن سرپرستن ۽ سهڪار ڪندڙ عنصرن جو به پتو لڳايو وڃي. سرڪاري ملڪيتن ۽ قومي وسيلن کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروايون جاري رکيون وڃن گهرو وزير چيو ته سنڌ پوليس ڏوهاري عنصرن خلاف اثرائتيون ڪارروايون ڪري قومي اثاثن جي تحفظ کي يقيني بڻائي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ