منگل، 17 نومبر 2026
بریکنگ

ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت ھيٺ اجلاس

سنڌي خبرون 17th Nov 2026 13 مناظر
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت ھيٺ اجلاس

اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال، سيڪيورٽي انتظامن بابت غور

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ درٻار هال مڪلي ۾ ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي جي مجموعي امن امان جي صورتحال، سيڪيورٽي انتظامن ۽ لاڳاپيل معاملن جو جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمران الحق، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نادرا زاهد قاضي، ملٽري انٽيليجنس (ايم آءِ)، انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ)، انٽيليجنس بيورو (آءِ بي)، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.اجلاس دوران مختلف ادارن پاران سيڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته ادارن وچ ۾ باهمي رابطن، معلومات جي ڏي وٺ ۽ امن امان برقرار رکڻ لاءِ گڏيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ سان گڏوگڏ ادارن وچ ۾ ويجهي رابطي ۽ سهڪار کي يقيني بڻايو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ