بدھ، 21 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز: سول اسپتال جي سولر پليٽن کي باهه، شهرين پاران جاچ جو مطالبو

سنڌي خبرون 10th Aug 2025 179 مناظر
نوشهروفيروز: سول اسپتال جي سولر پليٽن کي باهه، شهرين پاران جاچ جو مطالبو

اڳ سولر پليٽن جي چوري جا افواهه هليا، هاڻ باهه لڳي، جاچ ڪرائي وڃي: شهري

نوشهروفيروز(ڊ ر )نوشھرو فيروز سول اسپتال ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب اسپتال جو سولر سسٽم سڙي ويو. ياد رهي ته سول اسپتال مان ڪجهه ڏينهن پهرين سولر پليٽون چوري ٿيڻ بابت افواهون گردش ڪري رهيون هيون جڏهن ته باهه لڳڻ جو واقعو به شڪ کي وڌيڪ وڌائي رهيو آهي رهواسين جو چوڻ آهي ته سرڪاري ادارن ۾ باهه اڪثر موڪل واري ڏينهن ڇو لڳندي آهي جنهن جا سبب شفاف نموني سان جانچ ڪرڻ ضروري آھي۔ سول اسپتال جي انتظاميه ۽ ضلعي انتظاميا طرفان واقعي جي جاچ شروع ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي پر شهرين مطالبو ڪيو آهي ته حقيقي ذميوارن کي بي نقاب ڪري سخت ڪارروائي ڪئي وڃي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ