جمعرات، 05 نومبر 2026
بریکنگ

پنو عاقل ۾ چاچڙ برادري پاران نوجوانن تي فائرنگ ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ريلي

سنڌي خبرون 04th Nov 2026 22 مناظر
پنو عاقل ۾ چاچڙ برادري پاران نوجوانن تي فائرنگ ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ريلي

چاچڙ برادري ۽ سول سوسائٽي پاران مجتبيٰ خان چاچڙ جي اڳواڻي ۾ دوا چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي

پنوعاقل (رپورٽر) پنوعاقل ۾ ھڪ ھفتو اڳ جوابدارن ھٿان زخمي ٿيل چئن نوجوانن جا جوابدار گرفتار نه ٿيا ، چاچڙ برادري طرفان ريلي پنوعاقل جي بائجي ٿاڻي جي حد ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان زخمي ٿيل چئن نوجوانن جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ريلي ڪڍي وئي چاچڙ برادري ۽ سول سوسائٽي پاران دوا چوڪ کان ريلي ڪڍي پئي وڃي چاچڙ برادري جي سردار مجتبي خان چاچڙ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پئي وڃي ھڪ ھفتو اڳ ماڪا برادري جي جوابدارن پئسن جي ڏيتي ليتي تان فائرنگ ڪري چئن نوجوان سعيد چاچڙ ، اياز چاچڙ ، غزالي چاچڙ ۽ حاجي چاچڙ کي گوليون ھڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو ھو زخمي ٿيل چئن نوجوانن مان ھڪ نوجوان کي گوليون لگڻ بعد ڄنگھ خراب ٿيڻ تي ڄنگھ ڪٽي وئي آھي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ