جمعرات، 05 نومبر 2026
بریکنگ

سانگهڙ فوجي شاخ کي 50 فٽ گهارو، پاڻي ڳوٺ جعفر جي مياڻ ۾ داخل

سنڌي خبرون 04th Nov 2026 19 مناظر
سانگهڙ فوجي شاخ کي 50 فٽ گهارو، پاڻي ڳوٺ جعفر جي مياڻ ۾ داخل

پاڻي داخل ٿيڻ بعد رهواسين گهرن مان ٻاهر نڪري آيا، فوري طور گهارو بند ڪرائڻ جو مطالبو

سانگهڙ(رپورٽر) سانگهڙ ويجهو جعفر جي مياڻ ڀرسان فوجي شاخ کي لڳل تقريبن 50 فٽ گهاري سبب ڳوٺ جعفر جي مياڻ پاڻي هيٺ اچي ويو، جڏهن ته سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ جو تازو پڪل فصل پڻ پاڻيءَ جي لپيٽ ۾ اچي تباهه ٿيڻ لڳو. گهاري جو پاڻي ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ سبب ڳوٺاڻن ۾ خوف پکڙجي ويو آهي ۽ رهواسين پنهنجي گهرن مان سامان ڪڍي محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته انتظاميا کي اطلاع ڏيڻ باوجود اڃا تائين ڪوبه عملدار يا امدادي ٽيم نه پهتي آهي. متاثر ڳوٺاڻن وس وارن اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور گهارو بند ڪرائي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي ۽ متاثرن جي مدد ڪئي وڃي. سانگهڙ ويجهو فوجي شاخ کي لڳل گهاري سبب ڳوٺ جعفر جي مياڻ پاڻي هيٺ اچڻ خلاف متاثر ڳوٺاڻن جو احتجاج جاري آهي. عورتن ۽ مردن وڏي انگ ۾ گڏ ٿي سانگهڙ-کپرو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. احتجاج ڪندڙن جو مطالبو آهي ته فوجي شاخ کي لڳل گهارو فوري طور بند ڪري ڳوٺ ۽ فصلن کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته گهاري سبب سندن گهر پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ جو فصل پڻ متاثر ٿيو آهي. متاثرن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور نوٽيس وٺي گهارو بند ڪرايو وڃي ۽ کين نقصان جو ازالو ڪري ڏنو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ