شڪارپور ۾ رحيم آباد جي ڳوٺ بنبل واسين جو بااثرن خلاف احتجاج
12جريب زمين تي لاباري دوران محمد خان ڪٽو ھٿياربندن سميت حملو ڪيو: پيرسن عبدالنبي ڪٽو
شڪارپور (احسان ابڙو) رحيم آباد لڳ ڳوٺ بنبل جي رهواسين پاران 12 جريب زرعي زمين تي مبينا قبضي خلاف شڪارپور پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف جي گهر ڪئي وئي،پيرسن عبدالنبي ڪٽو ۽ فاضل ڪٽو شڪارپور پريس ڪلب پهچي ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته سندن ڳوٺ ٻاهران 12 جريب زرعي زمين آهي، جنهن تي هو لابارو ڪري رهيا هئا ته محمد خان ڪٽو هٿياربندن سان گڏجي مٿن حملو ڪيو ۽ زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،هنن الزام هنيو ته محمد خان ڪٽو،خميسو جتوئي، بهادر جتوئي، عزيز الله ڪٽو ۽ سجاد ڪلادي کين حراسان ڪري زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن ته حملي دوران فائرنگ پڻ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ سندن چار ڄڻا سجاد ڪٽو، يوسف ڪٽو، دلمراد ڪٽو ۽ علي گل ڪٽو گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ سول اسپتال شڪارپور داخل ڪرايو ويو آهي،احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته جوابدار بااثر آهن، جڏهن ته رحيم آباد ٿاڻي جو ايس ايڇ او جان محمد اوٺو پڻ مبينا طور سندن ساٿاري بڻيل آهي، جنهن سبب کين انصاف نه پيو ملي،هنن چيو ته هو غريب ۽ مسڪين آهن، سندن دانهن ٻڌڻ وارو ڪير به ناهي،پوليس به ڪا ڪاروائي نه ڪئي آھي،هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ملڪ ۽ ٻين وس وارن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مبينا قبضي ۽ حملي جو نوٽيس وٺي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي، زمين تان قبضي جي ڪوشش ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.