پیر، 09 نومبر 2026
بریکنگ

ڪراچي سنڌ جو اڻٽٽ حصو آهي، ڪير بھ ان کي ڌار نٿو سگھي: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

سنڌي خبرون 09th Nov 2026 3 مناظر
ڪراچي سنڌ جو اڻٽٽ حصو آهي، ڪير بھ ان کي ڌار نٿو سگھي: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

سنڌ جي وحدت ۽ قومي خودمختياري لاءِ 22 نومبر تي ڪراچي ۾ لکين ماڻهن جي ريلي ڪڍڻ جو اعلان

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) جيئي سنڌ قومي محاذ (بشير خان قريشي) جي مرڪزي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته پاڪستان جو قيام رڳو سائين جي ايم سيد جي قرارداد جو نتيجو نه هو، پر ان وقت جي عالمي ۽ سياسي قوتن هندستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي قيام جو فيصلو ڪري ان تي عمل ڪرايو. پاڪستان جي قيام کان وٺي حڪمرانن سنڌ جي وجود، وسيلن ۽ سنڌي قوم جي قومي سڃاڻپ کي نقصان پهچائڻ جون پاليسيون اختيار ڪيون آهن، جن خلاف سنڌ جي وحدت ۽ قومي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي اهڙن خيالن جو اظهار هن جسقم (بشير خان قريشي) جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري پنهل ساريو، چاڪر شر ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پُرهجوم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي اعلان ڪيو ته 22 نومبر، آچر ڏينهن منجهند 3 وڳي ايمپريس مارڪيٽ صدر کان ڪراچي پريس ڪلب تائين وڏي عوامي ريلي ڪڍي ويندي، جنهن ۾ لکين سنڌي ماڻهن جي شرڪت جي اميد آهي هن چيو ته ريلي جو مقصد سنڌ جي وحدت، قومي سڃاڻپ، وسيلن ۽ حقن بابت پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ آهي هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي سنڌ جو اڻٽٽ حصو آهي، ان جي مالڪي بابت ڪنهن به قسم جي ورهاڱي واري سوچ قبول نه ڪئي ويندي. ايم ڪيو ايم طرفان ڪراچي جي مالڪي بابت ڪيل دعوائن کي رد ڪندي هن چيو ته سنڌ جي وحدت تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن ايم ڪيو ايم حقيقي جي سربراهه آفاق احمد جي ان موقف جي حمايت ڪئي ته ڪراچي ۾ رهندڙ ڪو به مهاجر سنڌ جي ورهاڱي کي قبول نه ڪندو هن چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ انهن سمورين برادرين کي ڀليڪار ڪيون ٿا، جيڪي سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهن ٿيون ۽ ان جي وحدت تي يقين رکن ٿيون رهبر ڪميٽي بابت سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته رھبر ڪميٽي متحد ۽ منظم آهي، مختلف هنڌن تي تنظيمي طور پکڙيل هجڻ کي اختلاف يا ورهاست نه سمجهيو وڃي هن چيو ته 22 نومبر تي ڪراچي ۾ گڏجي قومي ايڪتا جو مظاهرو ڪيو ويندو ۽ سنڌ جي گڏيل مفادن لاءِ آواز اٿاريو ويندو هڪ جهنڊي، هڪ رهبر ۽ هڪ مقصد باوجود گڏيل جدوجهد نظر نه اچڻ بابت سوال تي هن چيو ته اهو وقت پري ناهي، جڏهن حالتون سنڌ جي قومي تحريڪ کي وڌيڪ ويجهو آڻينديون، ڇو ته گڏيل جدوجهد وقت جي ضرورت آهي هن چيو ته جسقم (بشير خان قريشي) ڪراچي کي پنهنجي سياسي جدوجهد جو اهم مرڪز بڻائيندي ۽ شهر جي سنڌي ماڻهن سان رابطا وڌائي کين تنظيمي طور متحرڪ ڪيو ويندو هن اميد ظاهر ڪئي ته ڪراچي جا سنڌي ماڻهو جلد جسقم (بشير خان قريشي) ۾ شامل ٿيندا. ان موقعي تي ڪامريڊ وهاب گبول، ضمير حاجاڻو، اشرف ڪلهوڙو، ڀورل گبول، سعيد سولنگي ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ