پیر، 09 نومبر 2026
بریکنگ

ملير: شهيد انسپيڪٽر جاويد ابڙو جي قتل جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي، سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ

سنڌي خبرون 09th Nov 2026 3 مناظر
ملير: شهيد انسپيڪٽر جاويد ابڙو جي قتل جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي، سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ

شھيد جاويد ابڙو جي گارڊن ۽ اسٽيل ٽائون ۾ ڌار ڌار جنازي نماز ادا ڪئي وئي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسٽيل ٽائون ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون انسپيڪٽر جاويد ابڙو جي گهر ٻاهران فائرنگ ڪري کيس شهيد ڪرڻ واري واقعي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. جاچ ٽيم مختلف هنڌن تان سي سي ٽي وي ڪيمرائن جون فوٽيجز هٿ ڪري ورتيون آهن، جن ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻن مبينا حملي آورن کي ڏسي سگهجي ٿو. پوليس ذريعن موجب جوابدارن پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ لاءِ هيلمٽ ۽ ماسڪ پاتل هئا پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته مبينا حملي آورن ويجهو اچي انسپيڪٽر جاويد ابڙو تي اٺ فائر ڪيا جن مان ست گوليون کيس لڳيون ۽ هو واقعي واري هنڌ ئي شهيد ٿي ويو. ذريعن موجب شهيد انسپيڪٽر جي ڀاءُ کي به ڪجهه عرصو اڳ ڏوهاري عنصرن فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو، جڏهن ته جاويد ابڙو کي ڪجهه مهينا اڳ ڌمڪيون پڻ مليون هيون. جاچ ادارا واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف شهيد انسپيڪٽر جاويد ابڙو جي جنازي نماز پهرين ڪراچي جي گارڊن ڏکڻ پوليس هيڊڪوارٽر ۾، جڏهن ته ٻيهر اسٽيل ٽائون ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو، ايڊيشنل آءِ جيز ڪراچي ۽ اسپيشل برانچ، ڊي آءِ جيز ايسٽ، سائوٿ ۽ سي ٽي ڊي، چيف سي پي ايل سي، ايس ايس پيز سي ٽي ڊي، ايسٽ، ملير ۽ اي وي ايل سي سميت پوليس آفيسرن، شهيد جي مائٽن، وارثن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ايس ايس پي ملير شهيد انسپيڪٽر جي سروس ڪيريئر ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف سندس نمايان خدمتن تي روشني وڌي. آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو شهيد جي وارثن سان تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي فاتحه خواني ڪئي ۽ مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا گهري. آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو چيو ته سنڌ پوليس جي پهرين ترجيح واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ شهيد جي وارثن کي انصاف فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته شهيد انسپيڪٽر جاويد ابڙو جون پوليس کاتي لاءِ خدمتون ۽ ڏوهن خلاف سندس جدوجهد ساراهه جوڳي آهي. پوليس شهيدن جون قربانيون سنڌ پوليس جو قيمتي اثاثو آهن، جن کي هميشه ياد رکيو ويندو. پوليس اختيارين موجب واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جاچ ۽ ڳولا جو عمل جاري آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ