سنڌ جي وجود، وسيلن، زمين، ٻولي ۽ ثقافت کي خطرا آهن: رياض چانڊيو
سنڌ خلاف سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ 22 نومبر تي ڪراچي ۾ وڏي انگ ۾ گڏ ٿيڻ جي اپيل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو ملير جي مختلف ڳوٺن جي دورن، جلسن ۽ ڪارڪنن سان گڏجاڻين کان پوءِ عوامي پريس ڪلب ملير پهچي ميٽ دي پريس پروگرام کي خطاب ڪيو. هن سنڌي عوام، خاص طور تي ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين کي اپيل ڪئي ته هو رهبر ڪميٽي جي سڏ تي 22 نومبر تي ڪراچي ۾ وڏي انگ ۾ گڏ ٿي سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن رياض چانڊيو چيو ته اڄ سنڌ کي ڪيترن ئي طرفن کان خطرن ۽ سازشن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته رڳو سنڌ جي جاگرافيائي ۽ سياسي وجود کي ئي خطرا نه آهن، پر سنڌ جي قدرتي وسيلن، زمين، سنڌي ٻولي، تاريخ ۽ ثقافت تي پڻ وار ڪيا پيا وڃن ۽ سنڌ کان ان جي سڃاڻپ کسڻ جون ڪوششون جاري آهن هن چيو ته سنڌ صدين جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جي امين ڌرتي آهي، جنهن جي سڃاڻپ ۽ حقن جو تحفظ هر سنڌي جي ذميواري آهي. جيڪڏهن سنڌي عوام اڄ پنهنجي ڌرتي، وسيلن ۽ قومي سڃاڻپ جي بچاءَ لاءِ متحد نه ٿيو ته مستقبل ۾ ان جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا. جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چيئرمين چيو ته موجوده حالتن ۾ سنڌين وٽ ايڪي ۽ ٻڌي کان سواءِ ٻي ڪا به واٽ ناهي. هن زور ڏنو ته سياسي، سماجي ۽ نظرياتي اختلافن کان مٿانهون ٿي سنڌي عوام کي پنهنجي قومي حقن ۽ سنڌ جي وجود جي بچاءَ لاءِ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ گهرجي رياض چانڊيو خاص طور تي ڪراچي جي سنڌين کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪراچي سنڌ جو اهم حصو آهي ۽ هتي رهندڙ سنڌين کي پنهنجي ڌرتي ۽ قومي سڃاڻپ جي تحفظ واري جدوجهد ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي. هن اپيل ڪئي ته 22 نومبر تي رهبر ڪميٽي جي سڏ تي ڪراچي ۾ محلن جي تعداد ۾ نڪري اچن ۽ پنهنجي اتحاد، ٻڌي ۽ طاقت جو مظاهرو ڪندي سنڌ خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻائين هن چيو ته سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضي، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي ڪمزور ڪرڻ ۽ سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ کي نقصان پهچائڻ واري هر ڪوشش خلاف پرامن ۽ جمهوري جدوجهد جاري رکي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو مستقبل، ان جي وجود ۽ قومي سڃاڻپ جو تحفظ صرف هڪ مضبوط، متحد ۽ باشعور سنڌي عوام ئي ڪري سگهي ٿو آخر ۾ رياض چانڊيو سنڌ جي سمورن سياسي، سماجي، قومي ۽ عوامي حلقن کي اپيل ڪئي ته هو 22 نومبر جي سڏ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ۽ سنڌ جي وحدت، وسيلن، زمين، ٻولي، تاريخ ۽ ثقافت جي بچاءَ لاءِ گڏيل جدوجهد جو حصو بڻجن.