عمرڪوٽ ۾ پٿورو ڀرسان ڊمپر ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر، ھڪ ڄڻو فوت
ميرپورخاص مين روڊ تي حادثي ۾ ڪوٽڙي واسي ولي شاهه فوت ٿي ويو
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ روڊن جي خراب حالت ۽ مبينا ناقص تعميراتي ڪم سبب ٽريفڪ حادثن ۾ واڌ ٿيڻ لڳي آهي، گذريل هڪ هفتي دوران مختلف هنڌن تي پيش آيل حادثن ۾ هڪ ڊرائيور فوت جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترائي ماڻهون زخمي ٿي پيا آهن، پر لاڳاپيل کاتن ۽ ضلعي انتظاميه پاران اڃان تائين ڪو به اثرائتو قدم نه کنيو ويو آهي، خبر موجب پٿورو ڀرسان عمرڪوٽ، ميرپورخاص مين روڊ تي اجرڪ هوٽل وٽ ڊمپر ۽ ٽريڪٽر وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪوٽڙي واسي ڊمپر ڊرائيور زرولي شاهه فوت ٿي ويو، جڏهن ته ميرپورخاص جي رھواسي ٽريڪٽر ڊرائيور وقار پنجابي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي شروعاتي طبي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، ٻئي طرف ڪجهه ڏينهن اڳ شادي پلي ڀرسان ٻن مختلف حادثن ۾ هڪ عورت ۽ ٻار سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، بريجي موري وٽ غلام نبي شاهه کان ايندڙ ڪار بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار عورت ۽ ٻار سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿيا، جڏهن ته چيمه فارم ڀرسان تيز رفتار ڪار ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن ۾ عمرڪوٽ واسي ڀورو اوڏ ۽ پريم اوڏ زخمي ٿي پيا، زخمين کي ميرپورخاص منتقل ڪيو ويو، ان کان علاوه عمرڪوٽ، ڇور روڊ تي عيسن شاهه درگاهه ڀرسان ۽ ٽي تلوار روڊ سميت ٻين هنڌن تي پڻ روڊن جي خراب حالت سبب ڪيترائي حادثا پيش اچي چڪا آهن، شهرين موجب روڊن جي تعمير ۽ مرمت ۾ مبينا ناقص معيار ۽ ٺيڪيدارن جي لاپرواهي سبب مک روڊ ٽٽل ڦٽل آهن، جنهن ڪري مسافرن جون حياتيون خطري ۾ پئجي ويون آهن، شهرين مطالبو ڪيو آهي ته لاڳاپيل کاتو ورڪس اينڊ سروسز، هاءِ وي اختيارين ۽ ضلعي انتظاميه روڊن جي فوري مرمت ڪرائي، ناقص تعميراتي ڪمن جي جاچ ڪرائي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري، جيئن وڌيڪَ حادثن ۽ قيمتي انساني جانين جي زيان کي روڪي سگهجي.