شهرين پاران ڪيميڪل مليل کير وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ ڪيميڪل جي کير جو وڪرو عروج تي پھتل، ڪيميڪل کير واپرائڻ سبب ڪيترين بيمارين ڪر کنيو، انتظاميا ننڊ جون گوريون کائي ستل نظر ايندي،عوام ڪيترين ئي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويو،سڄاڻ ڌريون انتظاميه جي اھڙي لاپرواهي تي ڏک جو اظهار. تفصيل موجب ڏوڪري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سرعام ڪيمڪل جي کير ۽ ڪيمڪل واري چانھ جو وڪرو عروج تي پھچي ويو آهي، ڪيمڪل جي کير جي وڪرو سبب گڙدي، مادي، جگر جي بيماري سميت مختلف بيمارين ڪر کنيو آهي ڪيترائي ماڻهو مادي جي مرض سميت مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ ڏوڪري تعلقي ۽ ٻين علائقن ۾ سرعام ڪيمڪل جي کير ۽ چانھ جو وڪرو ٿي رهيو آهي جڏهن ته فوڊ کاتي پاران ملاوٽ شين سميت ڪيمڪل جي کير ۽ چانھ وڪرو ڪندڙ مافيا خلاف ڪارروائي ناهي ڪري سگهي نه ئي شهر ۾ ڪارروائي ڪئي وئي آهي جيئن ڪيميڪل وارو کير جو وڪرو ختم ٿي سگهي. ان موقعي تي ڏوڪري جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن رڪ سنڌي، صابر جروار، ريحان احمد،ياسر سنديلو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڏوڪري تعلقي ۾ سرعام ڪيمڪل واري کير وڪرو ٿيڻ ۽ ھوٽل تي ڪيميڪل واري چانھ سبب معصوم ٻارڙا ۽ ماڻهو مختلف مادي جي بيماري سميت مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير ڪيميڪل واري کير جو وڪرو ڪندڙن ۽ ڪيميڪل چانھ ھلائيندڙ ھوٽل مالڪن خلاف خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
0 تبصرے