English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: گھوڙا ٻاري ويجھو حادثو، ھڪ معصوم ٻارڙِي فوت، 25 کان وڌيڪ زخمي
views
|
26th Apr 2024
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: گھوڙا ٻاري ويجھو حادثو، ھڪ معصوم ٻارڙِي فوت، 25 کان وڌيڪ زخمي
ٺٽو( شفيق ڀٽي) گهوڙاٻاريءَ ويجھو تيز رفتار سوزوڪي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي، ھڪ معصوم نياڻي فوت، 25 کن وڌيڪ زخمي، زخمي اسپتال منتقل، تفصيل موجب گھوڙاٻاري لڳ تيز رفتار سوزوڪي ٽائر برسٽ ٿيڻ ڪري ڪلٽي ٿي پئي جنھن جي نتيجي ۾ سوزوڪي ۾ سوار ڳاھي جي ڳوٺ لڳ ڳوٺ ابراھيم ھوڙائي ملاح جي رھواسيڻ هڪ 8 سالا معصوم نياڻي شھر بانو ڌيء ذڪريا ھوڙائي ملاح موقعي تي فوت ٿي ويئي، جڏھن تہ 25 کان وڌيڪ عورتون، مرد ۽ معصوم ٻارڙا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي گھوڙاٻاري ۽ سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو اھي زخمين ۾ 42 سالا سڪينہ زال عبدالله ھوڙائي ، حڪيمان زال ھاشم ھوڙائي ، 22 سالا شبانہ زال بشير احمد ھوڙائي، 25 سالاخديجہ زال قاسم ھوڙائي ، 5 سالا ننڍڙو فداحسين ولد قاسم ھوڙائي ملاح, 45 سالا يوسف ولد عثمان ھوڙائي, 10 سالا شير علي ولد يوسف ھوڙائي , 35 سالا نظيران زال يوسف ھوڙائي, 5 سالا بشير احمد ولد غلام علي ھوڙائي,48 سالا غلام علي ولد محمد ھوڙائي, 14 سالا شاھنواز ولد ابراھيم ھوڙائي,15 سالا عاليا ڌي عباس ھوڙائي, 17 سالا اسلم ولد پپو ھوڙائي, 4 سالا معصوم شھمير ولد علي حسن ھوڙائي, 30 سالا ثمينا زال علي حسن ھوڙائي, 11 سالا ماروي ڌي يوسف ھوڙائي ۽ بيا شامل اھن، جن کي سول اسپتال مڪلي ۾ داخل ڪيو ويو آھي جن مان ڪجھ زخمين جي ڳڻتي جوڳي حالت ٻڌائي پئي وڃي جن کي وڌيڪ علاج لاء ڪراچي منتقل ڪيو ويو آھي حادثي ۾ زخمي سمورا ھڪ ئي ڳوٺ جا رھواسي بڌايا پيا وڃن جيڪي سوزوڪي ۾ ويندي حادثي جو شڪار ٿيا آھن معصوم نياڻي شھربانو ھوڙائي جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ان موقعي تي زخمين دانھيندي چيو تہ حادثي بعد گاڏيون نہ ھجڻ ڪري زخمين کي ڪير اسپتال پھچائڻ وارو نہ ھو اسان وڏين ڪوششن بعد اسپتال پھتا آھيون ھنن گھر ڪئي تہ سمورن زخمين جو بھتر علاج ڪري سندن حياتيون بچايون وڃن -
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2025
•
سندھ
دادو میں خلق جی خدمت آرگنائزیشن کی جانب سے محرم الحرام کے موقع پر ٹھنڈے پانی اور شربت کی سبیل سبیل کا اہتمام
01st Jul 2025
•
سندھ
ال میچ میکر ایسوسی ایشن کے چیئرمین سمیع شیخ کا "ہمسفر فورایور لوو" میرج بیورو کے دفتر کا دورہ
01st Jul 2025
•
شوبز
سیان بروک نے ’ہاؤس آف ڈریگن‘ میں مختصر کردار سے ناظرین کو متاثر کر دیا
30th Jun 2025
•
سندھ
بی جی سی گروپ کے سی ای او سید امتیاز الحق بخاری کا آباد کے چیمبر کا دورہ
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي کي عوام دشمن قرار ڏئي ڇڏيو
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪاٺوڙ واسين جو بجلي ۽ پاڻي گهرڻ ڏوھ بڻجي ويو، 300 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ دريا خان مري واسي لا جي شاگرد معيز علي چوهاڻ جو احتجاج
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ جسقم ڪارڪنن پاران زنجير پائي احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
گھوڙا ٻاري
حادثو
0 تبصرے