ہفتہ، 07 نومبر 2026
بریکنگ

مورو ۾ پ پ ۾ شامل ٿيندڙ ڄام نور محمد ڪوريجو سان مختلف شخصيتن جي ملاقات

سنڌي خبرون 29th Jan 2024 94 مناظر

مورو ۾ پ پ ۾ شامل ٿيندڙ ڄام نور محمد ڪوريجو سان مختلف شخصيتن جي ملاقات

مورو(رپورٽر) اسان هميشه ماڻهن سان هر ڏک سک ۾ گڏ رهيا آهيون ۽ ماڻهن جي خدمت تي يقين رکيو آهي انهي بنياد تي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي آھي ڇو ته پيپلز پارٽي عوامي جمهوري پارٽي آهي جنهن وٽ عوام جي ڀلائي بهتري ميگا پروجيڪٽ ترقياتي ڪمن ۽ روزگار جو پروگرام آهي اهڙن خيالن جو اظھار تازو جي ڊي اي کي ڇڏي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ اڳوڻي تعلقه مورو جي ناظم ۽ ڪوريجا برادري جي چيف سردار ڊاڪٽر ڄام نور محمد ڪوريجو ڄام هائوس تي ڪوريجا برادريءَ جي معززين سان ملاقات ۽ روازنا نئون سج جي رپورٽر صحافي جاني جماڻي سان ڳالهائيندي ڪيو هن وڌيڪ چيو ته اسان غريبن جي هر ڏک سک ۾ گڏ رهيا آهيون انهن کي ڪڏهن به اڪيلو ناهي ڇڏيو پر ڪافي سالن کان انهن جي خدمت نه ڪري سگهيا آهيون هاڻي اهو سلسلو پي پي ۾ رهي جاري رکنداسين، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوارن مورو پي ايس 35 جي اميدوار ضياءَ الحسن لنجار ۽ اين اي 206 جي اميدوار ذوالفقار علي بهڻ کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائينداسين ته جيئن هو ڪامياب ٿين ۽ انهن سان گڏجي مورو شهر ۽ آس پاس جي علائقن جي بهتري ڪري سگهجي ۽ عوام جا بنيادي مسئلا حل ٿي سگهجن، هن چيو ته سياست خدمت جي بنياد تي ڪجي جيڪا عبادت ۾ شامل آهي جيڪڏهن خدمت نٿي ڪري سگهجي ته سياست نه ڪجي اسان هميشه سياست عبادت ۽ خدمت سمجهي ڪئي آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ