سنڌ سمنڊ کان سواء افغانستان، ايٿيوپيا، نائيجر، روانڊا ۽ ڀوٽان جھڙي ھوندي. اياز لطيف پليجو
عالمي حيثيت ختم ٿي ويندي، درآمد، برآمد، پرڏيھي سيڙپ ۽ روزگار گھٽبا ۽ مھنگائي، غربت ۽ ڏوھ گھر گھر پکڙبا
حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ سمنڊ کان سواء افغانستان، ايٿيوپيا، نائيجر، روانڊا ۽ ڀوٽان جھڙي ھوندي. عالمي حيثيت ختم ٿي ويندي، درآمد، برآمد، پرڏيھي سيڙپ ۽ روزگار گھٽبا ۽ مھنگائي، غربت ۽ ڏوھ گھر گھر پکڙبا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي سمنڊ کان محروم ڪرڻ جو مطلب سنڌ جي معاشي، واپاري، صنعتي ۽ عالمي حيثيت کي سخت نقصان پهچائڻ آهي. سنڌ سمنڊ کان سواءِ افغانستان، ايٿوپيا، نائيجر، روانڊا ۽ ڀوٽان جهڙي زميني سرحدن ۾ گهيريل علائقي جي صورت اختيار ڪري ويندي، جنهن سان سنڌ جي تاريخي، جاگرافيائي ۽ معاشي اهميت تي انتهائي خراب اثر پوندا. سنڌ جي سمنڊ سان لاڳاپي کي ختم ڪرڻ سان نہ رڳو سنڌ جي عالمي سڃاڻپ ۽ واپاري حيثيت متاثر ٿيندي، پر ايندڙ نسلن جو معاشي مستقبل بہ خطري ۾ پئجي ويندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو سمنڊ سنڌ جي معيشت، واپار، روزگار، صنعت، بندرگاهن ۽ عالمي رابطن جو بنيادي ذريعو آهي. سمنڊ ذريعي درآمد ۽ برآمد جو سلسلو جاري رهي ٿو، پرڏيهي سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ٿين ٿا، صنعتون ترقي ڪن ٿيون ۽ لکين ماڻهن لاءِ روزگار جا ذريعا پيدا ٿين ٿا. جيڪڏهن سنڌ کي سمنڊ کان ڪٽڻ يا ان جي سامونڊي وسيلن ۽ بندرگاهن تي سنڌ جي حقن کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون تہ ان جا نتيجا انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪراچي بندرگاھ، پورٽ قاسم سنڌ جي سامونڊي پٽي ملڪ جي معاشي سرگرمين ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. سنڌ جي سامونڊي وسيلن، بندرگاهن ۽ ساحلي علائقن جي اهميت کي نظرانداز ڪري ڪو بہ معاشي منصوبو ڪامياب نٿو ٿي سگهي. سنڌ جي سامونڊي پٽي نہ رڳو سنڌ پر سڄي ملڪ جي واپار ۽ معيشت لاءِ اهميت رکي ٿي. ان ڪري سنڌ جي سمنڊ، ساحلي پٽي ۽ بندرگاهن بابت ڪنهن به فيصلي ۾ سنڌ جي عوام جي رضامندي، مالڪي ۽ آئيني حقن کي بنيادي اهميت ملڻ گهرجي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سمونڊ ذريعي قومن ۽ ملڪن لاءِ عالمي واپار، درآمد، برآمد ۽ پرڏيهي مارڪيٽن تائين پهچ جا وڌيڪ موقعا پيدا ٿين ٿا. ان جي ابتڙ سمنڊ کان محروم علائقن کي عالمي واپار لاءِ ٻين ملڪن جي بندرگاهن ۽ زميني رستن تي ڀاڙڻو پوي ٿو، جنهن سان واپاري خرچ وڌن ٿا ۽ معاشي خودمختياري محدود ٿي وڃي ٿي. سنڌ کي اهڙي صورتحال ڏانهن ڌڪڻ سنڌ جي معاشي مستقبل سان وڏو ظلم هوندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي سمنڊ کان محروم ڪرڻ يا سامونڊي وسيلن تي سنڌ جي اختيارن کي ختم ڪرڻ سان درآمد ۽ برآمد جا خرچ وڌندا، پرڏيهي سيڙپڪاري گهٽجندي، صنعتن جي ترقي متاثر ٿيندي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيڻ بدران گهٽجي ويندا. جڏهن واپار ۽ صنعت جو ڦيٿو سست ٿيندو تہ ان جو سڌو اثر عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ تي پوندو. مهانگائي، غربت، بيروزگاري ۽ معاشي بدحالي وڌندي، جڏهن تہ معاشي محرومين سبب سماجي مسئلا ۽ ڏوهن ۾ اضافو ٿيڻ جا خطرا پڻ پيدا ٿيندا. اهڙي صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان غريب، پورهيت، هاري، مزدور، نوجوان ۽ وچولي طبقي کي برداشت ڪرڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ تاريخي طور هڪ قديم، شاهوڪار ۽ سامونڊي واپار سان ڳنڍيل وطن رهي آهي. سنڌو درياھ کان وٺي عربي سمنڊ تائين سنڌ جي جاگرافيائي، ثقافتي ۽ معاشي سڃاڻپ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي. سنڌ جي سمنڊ، درياهه، زمينن ۽ قدرتي وسيلن تي سنڌ جي ماڻهن جو تاريخي ۽ آئيني حق آهي. انهن وسيلن بابت اهڙا فيصلا جيڪي سنڌ جي ماڻهن جي مستقبل کي متاثر ڪن، سي سنڌ جي عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ نہ ٿيڻ گهرجن. اياز لطيف چيو تہ سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ جي تحفظ، بندرگاهن جي ترقي، ڪيٽي بندر سميت ساحلي علائقن ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، ماهيگيرن جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ ۽ سنڌ جي نوجوانن کي جديد واپار ۽ صنعت ۾ حصيدار بڻائڻ لاءِ سنجيده پاليسين جي ضرورت آهي. سنڌ کي ترقيءَ کان محروم ڪرڻ بدران ان جي سامونڊي وسيلن کي سنڌ جي عوام جي خوشحاليءَ لاءِ استعمال ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي وحدت، وسيلن، درياھ ۽ سمنڊ جو تحفظ رڳو ڪنهن هڪ سياسي جماعت جو نہ ، پر سنڌ جي هر باشعور فرد، نوجوان، هاري، مزدور، واپاري ۽ دانشور جو قومي ۽ تاريخي فرض آهي. سنڌ جي عوام کي پنهنجي وطن جي معاشي ۽ جاگرافيائي اهميت بابت سجاڳ رهڻو پوندو ۽ پنهنجي حقن جي حفاظت لاءِ پرامن، جمهوري ۽ آئيني جدوجهد کي مضبوط ڪرڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي اهڙي ڪنهن بہ منصوبي يا پاليسيءَ جو حصو بڻجڻ نہ ڏنو ويندو، جنهن سان سنڌ جي سامونڊي حيثيت، معاشي اختيارن ۽ تاريخي سڃاڻپ کي نقصان پهچي. سنڌ جو سمنڊ سنڌ جي خوشحالي، خودمختياري ۽ ايندڙ نسلن جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي. سنڌ جي سمنڊ، درياھ ، زمين ۽ وسيلن جي حفاظت ئي سنڌ جي معاشي بقا ۽ قومي وجود جي حفاظت آهي.