ہفتہ، 07 نومبر 2026
بریکنگ

حيدرآباد: ميمڻ اسپتال ڀرسان هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ، پئٽرول پمپ مالڪ مارجي ويو

سنڌي خبرون 17th Jan 2024 127 مناظر

حيدرآباد: ميمڻ اسپتال ڀرسان هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ، پئٽرول پمپ مالڪ مارجي ويو

حيدرآباد(بيورو) حيدراباد ۾ ميمڻ اسپتال ڀرسان اڻ ڄاتل ماڻهن جي ڪار تي فائرنگ هڪ ڄڻو مارجي ويو, وڏي تعداد ۾ شهري گڏ ٿي ويا، پوليس موجب مارجي ويل جي سڃاڻپ راحيل ميمڻ جي نالي سان ٿي آهي، پوليس ذريعن موجب راحيل ميمڻ پئٽرول پمپ جو مالڪ آهي جيڪو عدالت مان حاضري بعد واپس پئي ويو ته اڻ ڄاتل ماڻهن مٿس ڪار تي تي فائرنگ ڪئي، ڦليلي پل وٽ قائم پئٽرول پمپ جي ديوار ڪرڻ کان پوءِ ملاح ڌر سان پئٽرول پمپ جي مالڪ جو تڪرار هلي رهيو هو، مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، سخي پير ۽ ڦليلي ٿاڻن جي پوليس ۾ حدبندي جو تڪرار ٻنهي ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز واقعي واري هنڌ پهچي ويا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ