جمعہ، 06 نومبر 2026
بریکنگ

سجاول ۾ ناري سان اغوا بعد هڪ مهيني تائين جنسي زيادتي جو انڪشاف

سنڌي خبرون 30th Apr 2026 344 مناظر
سجاول ۾ ناري سان اغوا بعد هڪ مهيني تائين جنسي زيادتي جو انڪشاف

جوابدارن هڪ اڻڄاتل هنڌ قيد رکيو هو جتي حفيظ خاصخيلي هڪ مهيني تائين زيادتي ڪندو رهيو ۽ زبردست نڪاح ڪيو

سجاول (رپورٽر) سجاول شهر جي وارڊ نمبر 1 جي رهواسڻ ڪائينات خاصخيلي پريس ڪانفرنس ڪندي سنگين الزام لڳائيندي چيو آهي ته هڪ مهينو اڳ جوابدار حفيظ خاصخيلي، پنهنجي ساٿين مبارڪ چانگ، ارشاد چانگ، تاجو چانگ، يعقوب، اسلم خليفو ۽ سلو خليفو سان گڏجي کيس گهران زبردستي اغوا ڪري ويا. متاثره ڇوڪري موجب کيس نامعلوم هنڌ تي رکيو ويو جتي جوابدار حفيظ خاصخيلي هڪ مهيني تائين ساڻس زيادتي ڪندو رهيو. هن وڌيڪ الزام هنيو ته ان دوران جوابدارن هڪ ملئون (مولوي) کي آڻي زبردستي سندس نڪاح به پڙهايو. ڪائينات خاصخيلي چيو ته هوءَ ڪنهن طرح موقعي جو فائدو وٺي اتان ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ پنهنجي جان بچائي واپس پهتي آهي. هن اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي ته کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ نامزد جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ