پیر، 09 نومبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز ۾ مڙس جي مبينا تشدد ۾ نوجوان ناري زخمي، معصوم ٻارڙو بھ کسڻ جو الزام

سنڌي خبرون 09th Nov 2026 3 مناظر
نوشھروفيروز ۾ مڙس جي مبينا تشدد ۾ نوجوان ناري زخمي، معصوم ٻارڙو بھ کسڻ جو الزام
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز جي وارڊ 10 جي شيخ پاڙي ۾ موالي مڙس پنهنجي نوجوان زال کي سخت تشدد ڪرڻ بعد 9 مهينن جو ٻارڙو ڦري گهران ڪڍي ڇڏيو عورت صبا راڄپر زخمي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي ان موقعي تي ميڊيا اڳيان دانهيندي عورت صبا راڄپر ٻڌايو ته مڙس جنهن ڏينهن به ڪاوڙيل هوندو آهي مونکي تشدد جو نشانو بڻائيندو آهي جيڪو نشو واپرائي ٿو ڪيترائي ڀيرا ظلم جا پهاڙ ڪيرايا اٿس پر مون صبر ڪيو آهي هن چيو ته نشئي مڙس جو ظلم صحيح ٿڪجي پئي آهيان جيڪو منهنجو کير پياڪ ٻار کڻي ويو آهي جنهن گرفتار ڪيو وڃي ۽ مونکي 9 مهينن جو ٻارڙو واپس ڪرايو وڃي هن سيشن جج ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز کان نوٽيس وٺڻ ۽ موالي مڙس خلاف قدم کڻڻ جي گهر ڪئي آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ