ہفتہ، 07 نومبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ نوجوان جو گهر مان ڦاهو لڳل لاش هٿ

سنڌي خبرون 01st Jun 2026 303 مناظر
عمرڪوٽ نوجوان جو گهر مان ڦاهو لڳل لاش هٿ

ڳوٺ ولهيار ۾ سروپ اوڏ جو گهر مان لاش مليو، وارثن ۾ ڪهرام متل

عمرڪوٽ (ڊ ، ر) عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ولهار ۾ هڪ نوجوان جو پراسرار نموني گهر اندر ٽنگيل لاش هٿ اچڻ بعد علائقي ۾ ڏک ۽ خوف جي لهر ڇانئجي وئي آهي، خبر موجب ڳوٺ ولهار جي رهواسي سروپ اوڏ ولد واپاري فتو سکاڻي جو نوجوان پٽ پنهنجي گهر اندر ڦاهيءَ تي ٽنگيل حالت ۾ مليو، واقعي جي اطلاع ملندي ئي علائقي واسين جو وڏو انگ گهر وٽ گڏ ٿي ويو، جڏهن ته پوليس پڻ واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي، ذريعن موجب نوجوان جي موت جا ڪارڻ فوري طور تي معلوم نه ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته واقعي کي پراسرار قرار ڏنو پيو وڃي، پوليس لاش کي تحويل ۾ وٺي وڌيڪَ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ مختلف رخن کان واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، هوڏانهن نوجوان جي اوچتي ۽ افسوسناڪ موت سبب گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي، جڏهن ته وارثن پاران واقعي جي شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم ۽ جاچ رپورٽن کانپوءِ ئي واقعي جي اصل حقيقت سامهون اچي سگهندي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ