English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي نوشهروفيروز جي ھڪ گڏجاڻي ٿي گذري
views
|
17th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز (ڊ .ر ) ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي نوشهروفيروز جي ھڪ گڏجاڻي ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت ۾ سندس آفيس جي ڪميٽي روم ۾ ٿي جنهن ۾ چوماسي جي برساتن ۽ ٻوڏ کان بچاء بابت ڪيل اڳواٽ انتظامن جو جائزو ورتو ويو . ان موقعي تي لاڳاپيل کاتن پاران ڪيل اڳواٽ احتياطي قدمن ۽ انتظامن بابت ڄاڻ ڏني . گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم چيو تہ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پاران ھن سال چوماسي جون وڌيڪ برساتن پوڻ جو امڪان ظاهر ڪندي مڪمل احتياطي قدم کڻڻ جو چيو آهي . انڪري آبپاشيءَ کاتي سميت سڀئي کاتا برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪن تہ جيئن ڪنهن اڻوڻندڙ صورتحال کان بچي سگھجي . ھن سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرن کي چيو تہ مختلف کاتن سان ويجھو رابطو رکن ۽ ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ . ھن لوڪل گورنمنٽ جي آفيسرن کي چيو تہ امڪاني برساتن دوران شھرن مان برساتي پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻائن ۽ ڊرينيج سسٽم ۽ پمپنگ اسٽيشنن کي فعال رکيو وڃي ۽ انھن کي ھلائڻ لاءِ متبادل توانائي جي انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي.هن پبلڪ هيلٿ کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته تمام پمپنگ اسٽيشنن جي ضروري مرمت ۽ بحالي جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر کي چيو تہ چوماسي جي برساتن دوران صحت جون بنيادي ۽ ضروري سهولتن سميت اي ايس وي ۽ اي آر وي جي ويڪسين کي يقيني بڻايو وڃي . ھن ريسڪيو 1122 جي انچارج کي ھدايت ڪئي تہ اھي ڪنھن بہ امڪاني صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار رھن گڏجاڻِي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون صدام حسين ميمڻ، ايڊيشنل ڊي سي (ٽو) غلام علي، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر غلام قادر چانڊيو، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمنٽ عبدالجبار تڳر، ايڪسين سيپڪو نوشهرو فيرز، مورو، پي ڊي اسڪارپ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي
نوشهروفيروز
0 تبصرے