English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
4 views
|
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( شفيق ڀٽي)جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي سڏ تي مهانگائي، پيٽرول جي وڌندڙ اگهن، ڳرن بجلي بلن، بيروزگاري ۽ پيٽروليم ليوي خلاف اڄ ملڪ گير احتجاج جي سلسلي ۾ ٺٽي ۾ پڻ مختلف هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا ويا. مڪلي ۾ ڊي سي چوڪ وٽ جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالقدوس احمداڻي ۽ ٺٽي جي ضلعي اڳواڻن امير عبدالمجيد سمون، جنرل سيڪريٽري عبدالله آدم گندرو، مولانا عطاءُ الرحمان بلوچ، غلام شفيع سمون، محمد خان ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري سخت نعريبازي ڪئي، جنهن سبب ٺٽو-ڪراچي قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان کان علاوه ٺٽي شهر ۾ ميونسپل ڪميٽي آفيس سامهون مين اسٽاپ ۽ ٺٽي باءِ پاس چوڪ تي پڻ مهانگائي خلاف احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پيٽروليم شين جي مسلسل وڌندڙ اگهن سبب مهانگائي جي بار عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته حڪمران عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن. هنن چيو ته عوام دشمن معاشي پاليسين، بيروزگاري، ڳرن بجلي بلن ۽ معاشي بدحالي خلاف احتجاج جاري رهندو، ڇاڪاڻ ته هي ڪنهن هڪ جماعت جو نه پر عوام جي بنيادي حقن جو مسئلو آهي. جماعت اسلامي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پيٽرول تي لاڳو ليوي فوري طور ختم ڪري تيل جون قيمتون گهٽايون وڃن، مهانگائي تي ضابطو آڻي روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن ۽ عوام کي معاشي بدحالي مان نجات ڏني وڃي. هنن دعويٰ ڪئي ته في ليٽر پيٽرول تي 125 رپيا ليوي جي صورت ۾ عوام تي اضافي بار وڌو پيو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ آئيني حقن تي يقين رکي ٿي ۽ پاڻي، روزگار ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ لاءِ آواز اٿاريندي رهندي. هنن خبردار ڪيو ته مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف
0 تبصرے