English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ريڙهي ڳوٺ تي ايس ايس پي ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو جي اڳواڻي ۾ چڙهائي
views
|
20th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪارروائي دوران منشيات جا اڏا مڪمل طور ڊاهي پٽ ڪيا ويا ۽ ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو: پوليس
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس پاران ٿاڻي سڪڻ جي حد ريڙهي ڳوٺ ۾ منشيات وڪڻندڙن خلاف وڏو آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران منشيات جا اڏا مڪمل طور ڊاهي پٽ ڪيا ويا ۽ ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ عورتون پڻ شامل آهن.ايس ايس پي ملير پاڻ موقعي تي موجود رهيا ۽ آپريشن جي سڌي نگراني ڪئي. پوليس جي وڏي نفري، ايس ايڇ اوز، ڊي ايس پيز، ليڊي پوليس ۽ انٽيليجنس عملي آپريشن ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي. ريڙهي ڳوٺ کي هر طرف کان گهيري ۾ آڻي ان جا داخلي ۽ خارجي رستا مڪمل طور بند ڪيا ويا. ڳجهي اطلاع ۽ جديد ٽيڪنيڪل ذريعن جي مدد سان مخصوص جڳهن جي سڃاڻپ ڪئي وئي. پوليس اهلڪارن باڊي وورن ڪيمرائن سان گڏ سرچ آپريشن ڪيو، جڏهن ته ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي جديد ڊوائيسز جي مدد سان چيڪ ڪيو ويو.ايس ايس پي ملير جو چوڻ هو ته گرفتار جوابدار منشيات جي ترسيل جي نيٽ ورڪ ۾ سرگرم هئا. هن واضح ڪيو ته منشيات فروش معاشري جا دشمن آهن، انهن خلاف زيرو ٽولرنس پاليسي تحت ڪارروايون جاري رهنديون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
ريڙهي ڳوٺ
ايس ايس پي ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو
0 تبصرے