English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ريڙهي ڳوٺ تي ايس ايس پي ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو جي اڳواڻي ۾ چڙهائي
273 views
|
20th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪارروائي دوران منشيات جا اڏا مڪمل طور ڊاهي پٽ ڪيا ويا ۽ ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو: پوليس
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس پاران ٿاڻي سڪڻ جي حد ريڙهي ڳوٺ ۾ منشيات وڪڻندڙن خلاف وڏو آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران منشيات جا اڏا مڪمل طور ڊاهي پٽ ڪيا ويا ۽ ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ عورتون پڻ شامل آهن.ايس ايس پي ملير پاڻ موقعي تي موجود رهيا ۽ آپريشن جي سڌي نگراني ڪئي. پوليس جي وڏي نفري، ايس ايڇ اوز، ڊي ايس پيز، ليڊي پوليس ۽ انٽيليجنس عملي آپريشن ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي. ريڙهي ڳوٺ کي هر طرف کان گهيري ۾ آڻي ان جا داخلي ۽ خارجي رستا مڪمل طور بند ڪيا ويا. ڳجهي اطلاع ۽ جديد ٽيڪنيڪل ذريعن جي مدد سان مخصوص جڳهن جي سڃاڻپ ڪئي وئي. پوليس اهلڪارن باڊي وورن ڪيمرائن سان گڏ سرچ آپريشن ڪيو، جڏهن ته ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي جديد ڊوائيسز جي مدد سان چيڪ ڪيو ويو.ايس ايس پي ملير جو چوڻ هو ته گرفتار جوابدار منشيات جي ترسيل جي نيٽ ورڪ ۾ سرگرم هئا. هن واضح ڪيو ته منشيات فروش معاشري جا دشمن آهن، انهن خلاف زيرو ٽولرنس پاليسي تحت ڪارروايون جاري رهنديون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ سڱاوتي تڪرار تان نوجوان مارجي ويو
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ابراهيم حيدري پوليس ھٿان منشيات جي الزام ھيٺ عورت گرفتار
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ ڪربلا جي شھيدن جي چھلم بابت ماتمي جلوس برآمد ۽ مجلسون برپا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
ريڙهي ڳوٺ
ايس ايس پي ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو
0 تبصرے