ٺٽي ۾ ڪربلا جي شھيدن جي چھلم بابت ماتمي جلوس برآمد ۽ مجلسون برپا

مختلف علائقن مان برآمد ٿيل مشي اربعين پيادل مارچ مين اسٽاپ وٽ مرڪزي جلوس م شامل ٿي ويا

ٺٽي ۾ ڪربلا جي شھيدن جي چھلم بابت ماتمي جلوس برآمد ۽ مجلسون برپا

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ٺٽي ۾ به ڪربلا جي شھيدن حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس جانثارن جي چاليهي جي موقعي تي کين ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ عزاداري مجلسن ۽ ماتمي جلوسن جو سلسلو جاري رھيو. چهلم جو مرڪزي جلوس ٺٽي جي مشھدي امام بارگاھ کان برپا ٿيو، جنھن ۾ وڏي انگ ۾ عزادار شرڪت ڪئي، گهارو مان نڪتل عزادارن جي مَشي اربعين پيادل مارچ قافلي سميت مختلف جلوس پڻ ٺٽي شھر جي مين اسٽاپ تي مرڪزي جلوس ۾ شامل ٿي ويا. جتي يا حسين يا حسين عہ جون صدائون بلند ٿي ويون، جتي نوحہ خوانن پاران نوحا پيش ڪرڻ سميت سينا زني پڻ ڪئي ويئي، مرڪزي جلوس پنھنجي روايتي رستن کان ٿيندو شيرازي امام بادگاھ تي پھچي اختتام پذير ٿيو، جلوس جي رستن توڙي مين اسٽاپ تي ميڊيڪل ڪئمپن کانسواء سيد جاويد شاھ ۽ ٻين پاران عزادارن لاءِ سبيلون ۽ لنگرِ نياز جو وسيع اهتمام ڪيو ويو. عزادارن پاران سينه زني، نوحه خواني ۽ حضرت امام حسينؑ ۽ شهيداءِ ڪربلا کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي ويئي، جتي ضلعي انتظاميه ٺٽو، پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي جوانن پاران سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪري جلوس جي رستن تي پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار وڏي انگ ۾ مقرر ڪري داخلي ۽ خارجي رستن تي سخت چيڪنگ ۽ نگراني جو مؤثر نظام لاڳو ڪيو ويو، جيئن ڪو اڻ وڻندڙ واقعو پيش اچي نہ سگھي. ان موقعي تي مقررين چيو تہ ڪربلا واقعو صرف هڪ تاريخي سانحو نه، پر حق، سچ، انصاف، صبر، استقامت ۽ ظلم خلاف بي مثال جدوجهد جو لازوال پيغام آهي، جيڪو رهندي دنيا تائين انسانيت لاءِ روشنيءَ جو مينار رهندو. حضرت امام حسين عليه السلام پنهنجي خاندان ۽ ساٿين سميت دين اسلام جي سربلندي، حق جي بقا ۽ باطل جي خاتمي لاءِ جيڪا عظيم قرباني ڏني، اها انسانيت جي تاريخ جو امر باب آهي. سندن قرباني اسان کي سيکاري ٿي ته حق ۽ انصاف جي راهه ۾ ڪنهن به قسم جي قرباني کان نه گهٻرائجي ۽ هر دور جي ظلم، جبر ۽ ناانصافي خلاف آواز بلند ڪيو وڃي. اڄ جي دور ۾ جڏهن معاشرو نفرت، انتهاپسندي، ناانصافي ۽ اخلاقي قدرن جي زوال جهڙن چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، تڏهن ڪربلا جو پيغام وڌيڪ اهميت اختيار ڪري وڃي ٿو. اسان سڀني تي فرض آهي ته حضرت امام حسين عليه السلام جي تعليمات تي عمل ڪندي محبت، رواداري، اتحاد، امن، انصاف ۽ انسانيت جي خدمت کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻايون.