English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
تڪراري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف 29جولاءِ تي عمرڪوٽ ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويندو: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
views
|
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
جسقم بشير قريشي پاران پاڻي، زمين ۽ وسيلن تي ڌاڙي خلاف عمرڪوٽ ۾ ڌرڻي جو اعلان
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) جسقم شھيد بشير خان قريشيءَ جي چيف آرگنائزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي اعلان ڪيو آهي ته سنڌو درياهه تي ڇهن ڪئنالن جي تعمير ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ عمرڪوٽ سميت سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمين نجي ڪمپنين حوالي ڪرڻ خلاف 29 جولاءِ تي عمرڪوٽ ۾ وڏي ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو، جتي حڪومت کي سخت ڌيان ڏياريو ويندو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي الزام لڳايو ته وفاقي حڪومت سنڌ سان واعدو خلاف ورزي ڪندي ننڍن ڊيمز جي اڏاوت ذريعي سنڌو درياهه تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جڏهن ته پنجاب حڪومت پنهنجي بجيٽ ۾ انهن ڪئنالن لاءِ فنڊ مختص ڪري ڇڏيا آهن، هن وڌيڪَ چيو ته سنڌ سرڪار ڪارپوريٽ فارمنگ جي اشو تي رڳو زباني جمع خرچ ڪري رهي آهي، 30 جون تائين وڪيلن سان گڏجاڻي جو واعدو پورو نه ڪيو ويو، ۽ صرف عمرڪوٽ ضلعي جي 1 لک 90 هزار ايڪڙ زرعي زمين نجي ادارن جي حوالي ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌ جي مستقبل سان وڏو ظلم آهي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ سرڪار پ پ حڪومت جي سرڪار آهي، پر سنڌ جي اهم اشوز تي مڪمل خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن ڪارپوريٽ فارمنگ وفاقي اشو آهي ته سنڌ سرڪار رد ڇو نٿي ڪري؟ هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي، پوليس آفيسرن کي سياسي بنيادن تي لڳايو وڃي ٿو، ڪرپشن جو راڄ آهي ۽ ڌاڙيلن جا حڪم هلن ٿا، جڏهن ته ملڪ ٻوڏ واري حالت ۾ آهي، پر سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي سخت کوٽ آهي، جيڪا هٿرادو طور پيدا ڪئي وئي آهي ته جيئن سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪري نجي مفادن لاءِ زمينون خالي ڪرايون وڃن، جسقم اعلان ڪيو آهي ته 29 جولاءِ تي سنڌ جي وسيلن، درياهن، زمينن ۽ عوامي حقن لاءِ عمرڪوٽ جي رستن تي وڏي ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
جسقم بشير قريشي
تڪراري ڪئنالن
عمرڪوٽ
0 تبصرے