English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ھر ضلعي اندر نئين رياست قائم ڪئي ويندي: اياز لطيف پليجو
47 views
|
27th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾ ھٿرادو غربت ۽ بدحالي مسلط ڪئي وئي آھي، ڪرپشن ۽ اقتدار خاطر سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ۽ وسيلا ڏنا ويا آهن
پڊعيدن(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڌارين ماڻهن ڏئي ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪري حق حڪمراني کان پري رکڻ جي سازش آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ھر ضلعي اندر نئين رياست قائم ڪئي ويندي. انھي ڪري اھو منصوبو ڪنھن بہ ريت سنڌ جي عوام کي قبول ناھي. سنڌ حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ھٿرادو غربت ۽ بدحالي مسلط ڪئي وئي آھي. پيپلز پارٽي ڪرپشن ۽ اقتدار خاطر سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ۽ وسيلا ڏئي ڇڏيا آھن. پيپلز پارٽي اقتدار لاءِ ھر سودو ڪرڻ لاء تيار آھي، انڪري چوٿون ڀيرو اقتدار تي مسلط ڪيو ويو آھي. سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آھي. روزگار ناھي. بک، بدحالي ۽ بيروزگاري آھي. جھالت ۽ لاقانونيت آھي. سنڌ جا ماڻھو عوام دشمن نظام مان بيزار آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ سڀ کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ صوبو آھي. سنڌ جو تيل، گئس ۽ ٻيا وسيلا وفاق جي حوالي آھن. سنڌ جي ڪمائي تي سڄو ملڪ ھلي ٿو. سنڌ ۾ جتان گئس نڪري ٿو اتي جا ماڻھو گئس جي سھولت کان محروم ڪيا ويا آھن. ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ بجلي جي لوڊ شيڊنگ سنڌ ۾ آھي. گئيس جي لوڊ شيڊنگ جو عذاب بہ سنڌ ۾ آھي. سڀ کان وڌيڪ مھانگائي بہ سنڌ ۾ آھي. ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن بہ سنڌ ۾ آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي بہ نٿو ڏنو وڃي. پنجاب ڏيڍ صدي کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي. سنڌ کي پاڻي جو حساب سميت تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻي لٽيل دولت جو حساب سنڌ جي ماڻهن کي ڏنو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
ڪارپوريٽ فارمنگ
پڊعيدن
AYAZ LATIF palijo
0 تبصرے