English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: شاھ لطيف ٽائون ڀرسان ٽيڪسٽائل ڪمپني جي پورهيتن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌرڻو، پوليس جي هوائي فائرنگ
views
|
28th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
پوليس پهچي مظاهرين تي هوائي فائرنگ ڪري ڏني، احتجاج ۾ شريڪ عورتن ۾ رڙيون پئجي ويون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاھ لطيف ٽائون ڀرسان منزل پمپ وٽ واقع خانگي ٽيڪسٽائل ڪمپني جي پورهيتن پاران پگهارن ۾ ڪٽوتي، ٺيڪيداري نظام ذريعي جبري برطرفين ۽ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ پورهيتن ڪمپني جو مک دروازو بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ڪم بند ٿي ويو.احتجاج جي اطلاع تي پوليس پهچي هوائي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب احتجاج ۾ شامل عورتن ۾ خوف و هراس پکڙجي ويو احتجاج ڪندڙ پورهيتن ڪمپني انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ٺيڪيدار نظام ذريعي مزدورن سان ظلم ڪيو پيو وڃي، اجرتون گهٽ ڪيون پيون وڃن ۽ بغير ڪنهن نوٽيس جي ملازمن کي نوڪرين تان هٽايو پيو وڃي.مزدورن الزام هنيو ته مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا در بند ڪيا ويا آهن، جنهن سبب بيروزگاري وڌي وئي آهي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪمپني جي گارڊن پاران هوائي فائرنگ ڪري دهشت جو ماحول پيدا ڪيو ويو، جڏهن ته انتظاميا پوليس گهرائي، احتجاج ڪندڙن تي ڪيس داخل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. احتجاج ڪندڙ اعلان ڪيو ته جيستائين انهن جا جائز مطالبا تسليم نه ڪيا وڃن ٿا، تيستائين احتجاج جاري رهندو، ۽ ظلم خلاف آواز اٿاريندا رهنداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شاھ لطيف ٽائون
ٽيڪسٽائل ڪمپني
0 تبصرے