English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: آسو ڳوٺ ۾ سعید غنی پاران فٽبال اسٽيڊيم جو افتتاح، "ڪي فور" منصوبي جو افتتاح 14 آگسٽ تي ٿيندو
views
|
03rd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) صوبائي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سعيد غني ملير سٽي جي آسو ڳوٺ ۾ ملير يونين فٽبال اسٽيڊيم جو افتتاح ڪيو جنهن جي تقريب ڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي جي معزز شهرين، پارٽي ڪارڪنن ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.تقريب کي خطاب ڪندي سعيد غني اعلان ڪيو ته ڪراچي لاءِ پاڻي جو اهم منصوبو ڪي فور 14 آگسٽ تي افتتاح هيٺ آندو ويندو. هن ٻڌايو ته منصوبي جي ٽن واٽر لائينن جو ڪم اڳ ئي مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته مڪمل ٿيڻ لاءِ وڌيڪ 70 ارب رپين جي ضرورت آهي.سعيد غني چيو ته اڳوڻي تحريڪ انصاف حڪومت هي منصوبو روڪرايو، جيڪو هاڻوڪي سنڌ حڪومت ٻيهر بحال ڪيو آهي.هن چيو ته شاهراهه ڀٽو هڪ اهم روڊ رٿا آهي، جيڪا چار ضلعن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي ۽ ان جي تڪميل سان ٽريفڪ جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. جڏهن ته قائدآباد پل جي تعمير پڻ جلد مڪمل ڪئي ويندي، جيڪا رهواسين لاءِ آمد و رفت ۾ آسانی آڻيندي. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي ملير مان هميشه عوام جي ڀرپور حمايت ملي آهي، ڇو ته هتي ترقياتي ڪم لڳاتار جاري آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت سنجيدگيءَ سان مختلف شعبن ۾ عوامي ڀلائي جا منصوبا هلائي رهي آهي. سعيد غني قومي دفاع تي ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن ڀارت سان جنگ ٿئي ٿي ته پاڪستاني فوج دشمن کي هر ميدان تي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هن چيو ته اسان اڄ فتح جو جشن ملهائي رهيا آهيون، جڏهن ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي سطح تي ڀارت کي بي نقاب ڪيو آهي. سعيد غني موجب هن سال ملڪ ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان شاندار تقريبون منعقد ٿينديون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
آسو ڳوٺ ۾ سعید غنی
صوبائي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي
سعيد غني ملير
0 تبصرے