English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڪڏھن به خاموش نه ويهنداسين: اياز لطيف پليجو
44 views
|
05th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
پيپلزپارٽي چاھي ٿي اسان کي حڪومت ڏيندا رهو عيوضي ۾ سنڌ جو پاڻي، زمينون ۽ وسيلا کڻي وڃو
حيدرآباد(بيورو) اياز لطيف پليجي چيو تہ نوڪريون ۽ ڊگريون وڪامن ٿيون. ميرٽ جي لتاڙ منافعي بخش ڪاروبار بنجي ويو آھي. سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڪڏھن بہ خاموش نہ ويهنداسين. انصاف لاءِ ۽ سنڌ جي وسيلن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي، ڪئنالن سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي بہ ختم ڪرڻ تائين جدوجهد ڪبي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي چاھي ٿي اسان کي حڪومت ڏيندا رهو عيوضي ۾ سنڌ جو پاڻي، زمينون ۽ وسيلا کڻي وڃو. تنهن ڪري سنڌ جي ماڻهن کي سمجھڻ کپي تہ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو، زمينن قبضن ، ميرٽ لتاڙ ۾ پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت ملوث آهي زرداري مافيا ۽ پيپلز پارٽي امير سنڌ کي ڪرپشن ،بک، بدحالي ۽ بيروزگاري کانسواءِ ڪجھ ناھي ڏنو. ڪرپشن سنڌ ۽ ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ پٽيوالي جي نوڪري کان وٺي اعلي پوسٽون ڪروڙين روپين ۾ وڪرو ٿين ٿيون. جيڪي ڪامورا پئسا ڏئي مقرر ٿين ٿا، آھي عوام جي دولت تي اچي ڌاڙا ھڻن ٿا. ڪنھن بہ آفيس ۾ عوام جو ميرٽ تحت ڪم نٿو ٿئي. ترقياتي ڪمن جا ٺيڪا وڪامن ٿا ۽ پوءِ ناقص ڪم ڪري اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وڃي ٿو، اھڙي صورتحال ۾ سنڌ ڪيئن ترقي ڪري سگھي ٿي اڳواڻن چيو تہ سنڌي عوام جي حقن تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا. ميرٽ، قانون، آئين جون ڌڄيون اڏايون وڃن ٿيون. سنڌ حڪومت سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. پيپلز پارٽي کي سنڌ لٽڻ لاءِ چوٿون ڀيرو اقتدار ڏنو ويو آهي آھي ۽ ان جي بدلي ۾ سنڌو درياءَ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙن تي زمينن تي قبضا ۽ وسيلن تي وفاق ڌاڙا ھڻي رھيو آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه
حيدرآباد
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے