English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي اٺين ڏينھن به مختلف شھرن ۾ ريليون ۽ مظاھرا
219 views
|
12th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياھ ڪروڙين ماڻھن جي جياپي جو ذريعو آھي. ھزارين سالن جي تھذيب جي علامت آھي: اڳواڻ
حيدرآباد/ڪوٽ غلام محمد/مسو ڀرڳڙي/ڳيريلو/شاھپورچاڪر(رپورٽرز وٽان) پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمن، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي اٺين ڏينھن بہ مختلف شھرن ۾ ريليون ۽ مظاھرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ ڪوٽ غلام محمد ۾ ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، شوڪت نوحاڻي، مقصود احمد ڀرڳڙي، ڪامريڊ رازو مل، هادي بخش ڀرڳڙي، گلشن سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو. حيدرآباد جي علائقي مسو ڀرڳڙي ۾ سوزوڪي اسٽاپ کان ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪري الله واري چوڪ وٽ مظاھرو ڪيو. احتجاج جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر نذير بليدي، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، گلزار ڪلھوڙو، معشوق وگھيو، موج علي سولنگي، رب ڏنو ملڪ، زاھد ڀنڀرو ڪئي. احتجاج ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون پڻ شريڪ ٿي. ڳيريلو ۾ جميل احمد لاڙ، سھيل ابڙو، ذيشان کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو. شاھپورچاڪر ۾ محمود رخشاڻي، حضور بخش ڏاھري، اياز لطيف راڄپر، محمد حسن پلھ، نواب ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب چيو تہ سنڌو درياھ ڪروڙين ماڻھن جي جياپي جو ذريعو آھي. ھزارين سالن جي تھذيب جي علامت آھي. 6 نوان ڪئنال سنڌ ۽ ڪروڙين ماڻھن کي قتل ڪرڻ جو منصوبو آھي. وفاق ۽ سنڌ ۾ ويٺل حڪمرانن جو عوام سان ڪو تعلق ناھي. زمينون ۽ وسيلا لٽيا پيا وڃن. سنڌ ۾ تعليم، صحت سميت سمورو نظام درھم برھم آھي. شھر ڪچري جو ڍير ۽ ٻھراڙيون کنڊر بنجي ويون آھن. روڊن ۽ ٻين ترقياتي منصوبن ۾ 60 سيڪڙو تائين ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي، جنھنڪري سمورا ڪم ناقص ٿين ٿا. ٿوري وقت ۾ روڊ ۽ بلڊنگون تباھ ٿي وڃن ٿيون. ميرٽ جي لتاڙ، منشيات، ماڻھن جو اغوا انڊسٽري بنجي ويو آھي. ڪرپشن سمورن ادارن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ارصلاح بھلڪاڻي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ دشمن 6 ڪئنال اڃا رد نہ ٿيا آھن. سي سي آءِ جي هن جوڙجڪ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان وفاق يا پنجاب جو ڪو بہ منصوبو رد نٿا ڪرائي سگهن. نذير بليدي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ درياھ تي ڌاڙا ھڻي سنڌ کي ڀڙڀانگ بنايو ويو آھي. ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جي زمينن تي قبضي جي سازش آھي، جنھن کي ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪيو ويندو. محمود رخشاڻي خطاب ڪندي چيو تہ اڌ سنڌ ڌاڙيلن جي حوالي آھي. بدامني سبب ماڻھن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آھي. نوڪريون ۽ ڊگريون وڪامن ٿيون. سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڪڏھن بہ خاموش نہ ويهنداسين. ڪئنالن سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي ختم ڪرڻ تائين جدوجهد جاري رھندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌو درياھ ڪروڙين
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے