English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ڪورٽ ۾ جانورن تي غيرقانوني ٽيڪس وصولي خلاف عدالت ۾ درخواست
42 views
|
12th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٽي ايم سي ابراهيم حيدري ٺيڪو قاعدن تحت جاري ناهي ڪيو: وڪيل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) کير ڏيندڙ جانورن تي ٽيڪس چنگي جو غيرقانوني ٺيڪو ختم ڪرائڻ لاءِ ملير ڪورٽ ۾ ايڊووڪيٽ شاه زمان جوڻيجو درخواست داخل ڪئي آهي جنھن ۾ هن مؤقف اختيار ڪيو آهي ته ٽي ايم سي ابراهيم حيدري پاران ٺيڪو سنڌ پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي جي قاعدن تحت جاري نه ڪيو ويو، 24 ڪروڙ رپين جي ٺيڪي لاءِ بولي 12.5 ڪروڙ مقرر ڪري 14 ڪروڙ رپين ۾ نيلام ڪيو ويو۔درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ماضي ۾ به ساڳئي ٺيڪي ۾ مبينه ڪرپشن تي اينٽي ڪرپشن سنڌ ايف آءِ آر داخل ڪئي هئي، جڏهن ته نيب جي انڪوائري به رڪارڊ تي موجود آهي۔ انڪوائري ۾ ثابت ٿيو ته جانورن تي ٽيڪس وصولي ۽ ٺيڪو ڏيڻ جو اختيار قانوني طور ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن وٽ آهي۔مزید چيو ويو ته 2024 ۾ سنڌ حڪومت جي جاري ڪيل گزٽ نوٽيفڪيشن موجب هي ٺيڪو ڪي ايم سي جي دائري اختيار ۾ اچي ٿو ۽ ٽيڪس جو ريٽ به مقرر ڪيو ويو آهي، پر ٺيڪيدار وٽ ٽيڪس ريٽ جي تعين جو ڪو به قانوني ثبوت موجود ناهي۔درخواست گذار عدالت کان استدعا ڪئي ته ٽي ايم سي ابراهيم حيدري جو ٺيڪو غيرقانوني قرار ڏئي ختم ڪيو وڃي ۽ غيرقانوني ٽيڪس وصولي بند ڪرائي وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير ڪورٽ ۾
جانورن تي غيرقانوني
malir court
0 تبصرے