English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ يونين جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا
views
|
23rd Jun 2025
•
سنڌي خبرون
سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور، راڻيپور، ڏوڪري، ڏهرڪي، گهوٽڪي، قمبر، نصيرآباد، ميهڙ، نئون ديرو ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا
ڪراچي (رپورٽرز وٽان)سنڌ جي مختلف شهرن ۾ واپڊا هائيڊرو يونين پاران فهيم سميجو جي قتل واري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، گهوٽڪي۔گهوٽڪي ۾ آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو الٽرڪ ورڪرز يونين جي ملازمن پاران سکر ۾ بل جي معاملي تان دڪاندار هٿان سيپڪو لائين سپريڊنٽ فهيم سميجو جي قتل خلاف آفيس جي تالا بندي ڪري سيپڪو گهوٽڪي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو۔احتجاج ڪندڙ سيپڪو ملازمن ربنواز ڪلوڙ،علي حسن ملڪ،زاهد حميد قريشي،ماجد علي هڪڙو،شهمير سومرو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سکر شھر جي مهراڻ مرڪز ۾ دڪاندار ۽ واپڊا ملازم ۾ بل جي ادائيگي جي معاملي تان جهيڙي دورران جوابدار حسنين قريشي سيپڪو ملازم لائين سپريڊنٽ فهيم سميجو تي ڪينچين جا وار ڪري قتل ڪيو 3 ڏينهن گذري وڄڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي،احتجاج ڪندڙ سيپڪو ملازمن چيو ته اگر جوابدار گرفتار نه ٿيو ته احتجاجن پوري سکر ڊويزن جي بجلي بند ڪري ڇڏينداسين۔ خيرپور ٽي ڏينهن اڳ سکر ۾ قتل ٿيل لائين سپرنٽنڊنٽ فھيم سميجو جي قتل خلاف خیرپور ۾ واپڊا ملازمن طرفان واپڊا سيپڪو آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي احتجاج جي اڳواڻي ڊويزنل چيئرمين لالا نزاڪت پٺاڻ، سليم ڦلپوٽو، سھيل ابڙو، علي حسن جاگيراڻي، احمر ميراڻي، فراز چنو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٽي ڏينهن اڳ سکر ۾ لائين سپرنٽنڊنٽ فھيم سميجو کي چاڪُن جا وار ڪري سرڪاري ڪم ڪرڻ دوران بيدردي سان قتل ڪيو ويو جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا هنن چيو ته ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس قتل ٿيل لائن سپرنٽنڊنٽ جا قاتل گرفتار ناهي ڪري سگهي جيڪا انتھائي افسوس جھڙي ڳالھ آهي ھنن چيو ته اسان ڏينهن رات اداري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون پر اسان جي ليبر کي ڪو به تحفظ فراهم نه ٿو ڪيو وڃي هنن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي لائن سپرنٽنڊنٽ جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ اسان جي ليبر کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ڏوڪريء ۾ واپڊا ملازمن سکر ۾ ڊيوٽيءَ دوران قتل ڪيل فهيم سميجو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو آهي. واپڊا ملازمن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي واپڊا آفيس اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي ۽ عقيل ڪلهوڙو، حبدار ڀنڊ، اختيار سوهو، لياقت ٻرڙو، ياسين جوڻيجو، اختر کوکر، قدير جوڻيجو، قاضي ڪرم ﷲ، سلام سومرو، فاروق جوڻيجو، غلام حيدر مشوري، شوڪت جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن چيو ته سکر ۾ واپڊا جو ملازم فهيم سميجو پنهنجي ڊيوٽي فرض شناسيءَ سان ادا ڪري رهيو هو ته هڪ دهشتگرد صفت دوڪاندار کيس قينچين سان حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته هڪ طرف واپڊا جا ملازم سخت موسمن ۽ خطرناڪ حالتن جي باوجود بجلي جي فراهمي لاءِ جان جوکي ۾ وجهي ڪم ۾ رڌل رهن ٿا ته ٻئي طرف واپڊا جي ملازمن سان ان قسم جا هاڃا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، جڏهن کين تحفظ ڏيڻ لاءِ سرڪاري سطح تي ڪو موثر نظام موجود ناهي. احتجاج ڪندڙن سکر واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي الزام مڙهيو ته سکر پوليس قاتلن جي گرفتاريءَ ۾ سستي ڪري رهي آهي ۽ جيڪڏهن لاڳاپيل ادارن جي عملدارن سنجيدگيءَ سان قدم نه کنيا ته ان جا نتيجا نه صرف واپڊا ملازمن لاءِ خطرناڪ هوندا، پر ان جو اثر سڄي معاشري تي پوندو.لاڙڪاڻي ۾ فهيم سميجو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ هائڊرو يونين اليڪٽرڪ يونين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري قاتلن جي گرفتاري لاءِ سرڪل آفيس ۾ ڪئمپ قائم ڪري ورتي ان حوالي سان اڳواڻن نثار شيخ وسيم جتوئي محمود پٺاڻ سميت ٻين جو چوڻ هو ته فهيم احمد سميجو کي بل گهرڻ واري معاملي تان بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي جنهن جا قاتل پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي هنن پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي فهيم جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ڏهرڪي ۾ واپڊا ملازمن جو احتجاج قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ,واپڊا ملازمن پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪ.ي وئي، واپڊا ملازم فهيم سميجو جي قاتلن جي گرفتاري لاء واپڊا آفيس کان سليم سميجو ,شمس ڀٽو ,اصغر چاچڙ ,هزار خان چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، راڻيپور ۾ ھائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرس ڊويزن راڻيپور پاران سکر ۾ قتل ٿيل لائن سپرنٽينڊنٽ فهيم سميجو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٽوڪن ھڙتال ڪري ٻانھن تي ڪاريون پٽيون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي طالب حسين لنڊ مصطفي لاڙڪ نظام کوکر ارشاد سولنگي عزيز ھنگورو محبوب ڄامڙو خان محمد لنڊ منور لنڊ فاروق سھتو ڪري رھيا ھياھنن چيو ته سکر ۾ اسان جو لائين سپرنٽنڊنٽ فھيم سميجو کي ڇرن سان وار ڪري بي دردي سان قتل ڪيو ويو پر قاتل آزاد گهمي رھيا آھن اسان مزدور آھيون اسان ڏينھن رات ملڪ کي روشن ڪيون ٿا پر اسان جي واپڊا جي ملازمن کي ڪا به پروڊڪشن نٿي ڏني وڃي سکر ۾ لائن سپرنٽنڊنٽ فھيم سميجو پنھنجي ڪم ۾ مصروف ھيو ته مٿان حملو ڪيو ويو لائن سپرنٽنڊنٽ فھيم سميجو جا فورن قاتل گرفتار ڪيا وڃن واپڊا ملازمن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي اسان ڊي آء جي سکر ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيون ٿا ته فھيم سميجو جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ پوري پاڪستان ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، ميھڙ ۾ سيپڪو ملازمن پاران ڪم چڏ ھڙتال ڪئي وئي واپڊا ھائڊرو يونين جي سڏ تي حاجي حسين جتوئي ،سعيد ڪلھوڙو , زاھد ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪم ڇڏ ھڙتال بعد سيپڪو آفيس جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي مظاھرين سکر ۾ قتل ٿيل واپڊا ملازم فھيم سميجو جي قاتلن جي گرفتاري لاء زوردار نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مظاهرين نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سکر ۾ بل ادا ڪرڻ جو چوڻ تان جوابدارن بيگناھ ڪينچون ھڻي بيدردي سان سيپڪو ملازم کي قتل ڪيو پر افسوس جو سکر پوليس قاتل جوابدارن کي گرفتار ڪري ناھي سگھي ھنن گھر ڪئي آھي ته سکر ۾ قتل ٿيل سيپڪو ملازم فھيم سميجو جا قاتل جلد گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو نصيرآباد پاران سکر ۾ ڊيوٽي دوران قتل ٿيندڙ واپڊا ملازم ايل ايس فهيم سميجو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو آهي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ هائڊرو يونين جي صدر اسد الله کوکر ، امتياز شيخ ، امداد پنهور الطاف موريو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سکر شهر ۾ اسان جي واپڊا ملازم فهيم سميجو کي پهنجي فرض جي ادائگي ڪرڻ دوران بي گناھ قتل ڪيو ويو آهي ،هائيڊرو يونين جا سمورا ملازم فهيم سميجو جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا نئون ديرو ۾ هائيڊرو يونين جي سڏ تي سيپڪو ملازمن پاران ڪم چڏ ھڙتال ڪئي وئي، ڪوثر حسين ميراڻي، محمد شعبان پنهور،وحيد جوکيو،مقصود احمد لاڙڪ ۽ ٻين ٻيا شامل هئا. ملازمن ڪم ڇڏ ھڙتال بعد سيپڪو آفيس جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري فهيم سميجو جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Jun 2025
•
سندھ
پیپلزپارٹی کلچر ونگ حیدرآباد کی جانب سے بینظیر بھٹو شہید کو سالگرہ پر خراج عقیدت
25th Jun 2025
•
تازہ ترین
اسرائیلی حملے میں شہید قرار دیا گیا ایرانی قدس فورس کا سربراہ سامنے آ گیا، ویڈیو وائرل
25th Jun 2025
•
تازہ ترین
اسرائیل کو آج تک وائٹ ہاؤس میں ٹرمپ سے بہتر کوئی دوست نہیں ملا: نیتن یاہو
25th Jun 2025
•
تازہ ترین
ایرانی پارلیمنٹ کی جانب سے آئی اے ای اے سے تعاون معطل کرنے کا بل منظور
25th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
همايون شريف ٿاڻي تي دانهن کڻي پهتل عورت سان ايس ايڇ او پاران مبينا زيادتي جي ڪوشش
25th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
خيرپور ۾ عورت جو مڙس تي غير فطري عمل جو الزام، عدالت ۾ پٽيشن داخل
25th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد ۾ پي ٽي آءِ جي عورت اڳواڻ پاران پارٽي اڳواڻن خلاف زيادتي جي ڪوشش جو ڪيس داخل
25th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
زيدي ھائوس عمرڪوٽ ۾ مير ھزار خان جي مان ۾ روحاني ۽ ثقافتي تقريب، مهمانن کي اجرڪ جا تحفا پيش
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ يونين
فهيم سميجو
0 تبصرے