عمرڪوٽ ۾ صفائي دوران فوت ٿيل ٻن ملازمن جي وارثن کي امدادي چيڪ ڏنا ويا

عمرڪوٽ ۾ صفائي دوران فوت ٿيل ٻن ملازمن جي وارثن کي امدادي چيڪ ڏنا ويا

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ صفائي دوران فوت ٿي ويل ٻن ملازمن جي وارثن کي پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو جي فرزند ڪنور ڪرني سنگھ سوڍو پاران اقليتي کاتي طرفان منظور ڪرايل 1 ھڪ لک رپين جا 2 چيڪ ڏنا ويا. خبر موجب عمرڪوٽ ڀرسان منو مالھي ۾ گٽر جي دٻي جي صفائي دوران ساھ ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويل عمرڪوٽ شھر جي ٻن صفائي عملي جي ملازمن راج ڪمار ۽ سورج ڪمار جي وارثن کي پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو جي فرزند اڳوڻي ٿرپارڪر ضلعي ڪائونسل جي وائيس چيئرمين، ميمبر ٿرڪول انرجي بورڊ ڪنور ڪرني سنگھ سوڍو طرفان اقليتي معاملن واري کاتي مان منظور ڪرايل 1 ھڪ لک رپين جا 2 چيڪ ڪنور ڪرني سنگھ سوڍو جي ھدايت تي پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو جي پي اي ڪنول موھن لال رتناڻي ۽ انجنئير ڪنيا موھن لال رتناڻي طرفان وارثن کي مالي مدد طور ڏنا ويا واضع رھي ته ٻنھي فوتين جي فوتگي تي ڏک ونڊڻ محل ڪنور ڪرني سنگھ سوڍو طرفان فوتين جي وارثن کي اقليتي کاتي کان مالي مدد ڪرڻ جي يقين دھاني ڪرائي ويئي ھئي