سنڌ انڊيجنئس رائٽس الائنس طرفان گڏاپ شهر ۾ ريلي۽ جلسو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)سنڌ انڊيجنئس رائٽس الائنس طرفان گڏاپ شهر ۾ ريلي۽ جلسو، ڳوٺن جي تحفظ ۽ ليز واري زمين جي بحالي جو مطالبو تفصيل موجب سنڌ انڊيجنئس رائٽس الائنس طرفان گڏاپ شهر ۾ ريلي ڪڍي عام جلسو ڪيو ويو جنهن ۾ ڳوٺن جي تحفظ ۽ ليز واري زمين جي بحالي جو مطالبو ڪيو ويو ريلي شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي گڏاپ جي مرڪزي هنڌ تي جلسي جي صورت اختيار ڪئي جتي جلسي کي خطاب ڪندي اڳواڻن الائنس جي مرڪزي صدر سيد خداڏنو شاھ چيو ته ڪراچي جي قديم ڳوٺن خاص طور ملير جي زرعي زمينن کي ختم ڪري انهن تي بلڊر مافيا کي قبضو ڪرائڻ جون سازشون جاري آهن اسان پنهنجي ڌرتي پنهنجن اجهن ۽ ڳوٺن تان ڪنهن به صورت هٿ نه کڻنداسين سنڌ جي ڌرتي ڌڻين کي بي دخل ڪرڻ لاءِ سرڪاري پاليسين تحت سازشون ڪيون پيون وڃن جيڪي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيون وينديون اسين پنهنجي ڌرتي جو هڪ انچ به قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين هن چيو ته سازش تحت ملير جي ليز واري زمين کي رد ڪري بلڊر مافيا کي ڏيئي سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جنهن خلاف اڄ کان تحريڪ جي شروعات ڪيون ٿا خالق جوڻيجو چيو ته هي رڳو زمينن جو مسئلو نه آهي، بلڪه سنڌي قوم جي وجود، ثقافت ۽ سڃاڻپ جي بقا جو سوال آهي بحريا ٽائون ۽ ٻيون ڪالوني ٺاھي اسان کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪرڻ لاء ڳوٺن جي قانوني حثيت ۽ زمينن جي ليز ختم ڪئي وئي آھي شھيد ڀٽو جي چيرمين ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر خطاب ڪندي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو دريا تي ڌاڙو ڪنهن صورت قبول نه ڪيو ويندو هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي ڳوٺن کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن سنڌ جي قديم آبادين کي تحفظ نه ڏنو ويو ته تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي هن سياسي مستقبل جي حوالي سان ڳالھائندي چيو ته جلد ڀيڻ فاطمه ڀٽو سان گڏجي پارليماني سياست جو آغاز ڪندس مونسا تمام گهڻيون شخصيتون گڏ آھن ايندڙ اليڪشن ۾ مقابلو ڪنداسين جلسي ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ملير سميت ڪراچي جي سڀني ليز ختم ٿيل زمينن کي ٻيهر مقامي آباديءَ جي نالي تي بحال ڪيو وڃي قديم ڳوٺن کي قانوني تحفظ ڏئي بلڊر مافيا جي مداخلت روڪي وڃي سنڌي ماڻهن کي بي دخل ڪرڻ جو عمل فوري طور روڪيو وڃي اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن مطالبا منظور نه ٿيا ته احتجاج جو دائرو سنڌ جي ٻين شهرن تائين وڌايو ويندو، ۽ پرامن جدوجهد جاري رهندي جلسي کي ڪاظم مھيسر، رخمان گل پالاري قادر بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪيو
0 تبصرے