مورو جي مرڪزي امام بارگاھ حسيني ۾ مجلس کي اوشاق علي خطاب ڪيو
مورو(جاني جماڻي) محرم الحرام جو چنڊ ڏسڻ بعد هر طرف يا حسين يا حسين جون صدائون بلند ٿي ويون، مجلس عزا برپا، نوحه خواني تي عزادارن پاران عزاداري ڪئي وئي. جڏھن تہ مورو جي مرڪزي امام بارگاھ حسيني ۾ مجلس کي اوشاق علي آمر ڪيو. جڏھن تہ شھر جي مختلف پاڙن روڊن تي سبيلون لڳائڻ ۽ علم پاڪ تعزين کي سجائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي جڏھن تہ ماتمي قافلو 6 محرم الحرام کان برآمد ڪيو ويندو جيڪو 10 محرم الحرام تائين نڪرندو شام غريبان بعد اختتام تي پھچندو. ان سلسلي ۾ سيڪيورٽي نظام پڻ سخت ڪيو ويو آھي پوليس سان گڏ علمدار اسڪائوٽ گروپ، مورو اوپن بواءِ اسڪائوٽ گروپ جا رضاڪار پڻ ڊيوٽيون سر انجام ڏيندا جن کي الرٽ ڪيو ويو آھي
0 تبصرے