پنوعاقل ۾ ميرٽ تي ڪاميابي ماڻيندڙ نوجوانن کي مڃتا ڏي لاءِ تقريب منعقد

پنوعاقل ۾ ميرٽ تي ڪاميابي ماڻيندڙ نوجوانن کي مڃتا ڏي لاءِ تقريب منعقد

پنوعاقل (رپورٽر) يونين ڪائونسل نوراجا جي (IBA/NTS/STS ) ۽ ٻين مقابلي جي امتحانن ذريعي سرڪاري ملازمتون ماڻيندڙن کي مڃتا ڏيڻ ۽ نئين نسل کي همٿائڻ بابت يونين ڪائونسل نوراجا ۽ عوامي فائونديشن جي سهڪار سان استقباليه عوامي هائوس منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي يونين ڪائونسل نوراجا جي چيئرمين پير بخش مهر، سيڪريٽري ذوالفقار مهر، برک اديب ۽ شاعر پريل دايو،پ پ اڳواڻ ايران خان سميجو، اڳوڻو ڊائريڪٽر تعليم مجتبي دايو، ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات ۽ عوامي فائونديشن جي سرپرست سرور سميجو، چيئرمين سرواڻ سميجو، نوجوان صحافي برڪت جهندير، وائيس چيئرمين نديم خان سميجو،علي اويس سميجو، اربيلو سميجو، توفيق سميجو، شعيب منگي، عطا محمد سميجو، نويد حسن سميجو، انجيئر مير محمد سميجو، ڄام مکڻ سميجو،نواز سميجو، سجاد منگي ، فرحت سميجو ۽ ٻين خطاب ڪندي معياري تعليم تي زور ڀريو هنن وڌيڪ چيو ته پ پ جي موجوده حڪومت تعليمي شعبي ۾ ميرٽ متعارف ڪرائي بهتر قدم کنيو آهي. مقررن اهڙن جاڳرتا پروگرامن کي ساراهيندي چيو ته اهڙا پروگرام سماج ۾ هاڪاري نتيجا ڏيندا ۽ معاشري کي بهتري جو سبب بڻجي سگهن ٿا. ان موقعي تي ميرٽ تي ڪاميابي ماڻيندڙ نوجوانن ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا جن ۾ فرحت سميجو، شعيب منگي، نعمان سميجو، حمادﷲ سميجو، علي گل سومرو، سجاد علي منگي، عطا محمد سميجو، اربيلو سميجو، توفيق سميجو، ڪليم ﷲ سميجو،نويد حسن سميجو، توفيق سميجو ، جنسار سميجو، عامر سميجو ، انعام سميجو، قدير دايو، فاروق سميجو ۽ ٻيا شامل هئا. تقريب ۾ ٻين کان علاوه محمد نواز سميجو.سهيل سميجو.حنيف سميجو .سرويچ سميجو .احسان سميجو زمير سميجو. جاويد سميجو محمد علي منظور سميجو.مهراب سميجو.ڪليمﷲ سميجو قمرالزمان سميجو.نصيب ﷲ سميجو.زيشان سميجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.