ڏوڪري (رپورٽر) محرم الحرام شروع ٿيندي ئي ڏوڪري ۽ ڀرپاسي ۾ لبيڪ يا حسين عليه السلام جون صدائون بلند ٿي ويون، ڏوڪري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي مختلف روڊن رستن، گهٽين ۽ پاڙن ۾ اسلام جي سربلندي ۽ پنهنجي نانا جو دين بچائڻ لاءِ ڪربلا جي ميدان ۾ شهادت ماڻيندڙ عظيم هستيءَ کي ياد ڪندي هر طرف ياحسين جون صدائون بلند ٿيڻ لڳيون، شهر جي مختلف چوراهن تي علم پاڪن کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ جو ڪم شروع ٿي ويو، جڏهن ته ڏوڪري جي مختلف امام بارگاهن الحسيني مرڪزي امام بارگاہ، المنتظر امام بارگاہ بڙدي محلا ڏوڪري، حسن المجتبي امام بارگاہ ڏوڪري ۾ مجلس عزا برپا ٿي ويون آهن، مجلس عزا کي سيد قمر عباس نقوي، قمر عباس نجفي، فدا حسين نجفي، ناطق علي نوراني، ذاڪر اهلبيت محسن عباس قمي سميت ذاڪر خطاب ڪندي چيو ته دين اسلام جي سربلندي لاءِ دنيا جي عظيم هستي ڪربلا جي ميدان تي ٻچڙن توڙي جانثارن جون قربانيون ڏئي دين اسلام تي وڏو احسان آهي، اسان مومنن کي به گهرجي ته محرم الحرام جي مهيني ۾ امامن جي ڏنل لازوال قربانين کي ياد رکي غم حسين عليه السلام نهايت عقيدت ۽ احترام سان گذاريون ۽ پنهنجي وس آهر فرش عزا وڇائي سبيل امام حسين عليه السلام جو بندوبست ڪريون، ماہ محرم الحرام اسان کي صبر ۽ تحمل جو درس ڏئي ٿو، اڄ دنيا اندر هر فرقي جو ماڻهو غم حسين عليه السلام ملهائي ڪربلا جي ميدان ۾ ڏنل شهيدن جي ڏنل لازوال قربانين جي ياد تازي ڪري رهيو آهي،ٻئي طرف مومنن پاران شهر جي مختلف امام بارگاهن، چونڪن، چوراهن، دوڪانن، گهرن ۽ پنهنجي محلي جي گهٽين ۾ علم پاڪ، جهولا، ڪلس، بيرڪن کي رنگ روغن ڪري سينگارڻ جو ڪم پڻ تيزيءَ سان جاري آهي، ان موقعي تي دوڪاندارن جو چوڻ هو ته محرم الحرام جو مهينو تمام مقدس مهينو آهي، هن مهيني ۾ دين اسلام خاطر ڪربلا جي ميدان تي امامن ۽ سندن جانثارن جون ڏنل لازوال قربانيون تاريخ ۾ هميشه ياد رهنديون،اسان مومنن کي علم پاڪ جي سينگارڻ جو سامان مناسب قيمت تي ڏيندا آهيون، هوڏانهن ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري جي چيئرمين عبدالحميد جيسر جو چوڻ هو ته ڏوڪري ٽائون طرفان عزادارن جي روٽن تي ۽ شهر جي مختلف روڊن رستن تي روزانو صفائي سٿرائي توڙي روشني جا انتظام بهتر ڪري رهيا آهيون، هوڏانهن ڏوڪري پوليس پڻ شهر جي مختلف امام بارگاهن تي روزاني ٿيندڙ مجلسن ۽ عزاداري جي مختلف روٽن تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.
0 تبصرے