مورو ۾ چوٿين محرم الحرام جي حوالي سان امام بارگاهه حسيني ۾ مجلس برپا

مورو ۾ چوٿين محرم الحرام جي حوالي سان امام بارگاهه حسيني ۾ مجلس برپا

مورو )جاني جماڻي( شهيد ڪربلا امام حسين عليه اسلام ۽ سندس ساٿين جي ياد ۾ چوٿين محرم الحرام تي مورو جي مرڪزي امام بارگاھ حسيني ۾ انجمن حسيني جي اڳواڻن سيد سجاد حيدر شاھ، سيد بابر علي شاھ، جاويد مصطفي ڪانڌڙو، نذير حسين سرھيو، سيد گلڻ شاھ، غلام سرور سرھيو ۽ ٻين مومنين جي اڳواڻي م مجلس ۽ ماتم جا پروگرام منعقد ڪيا ويا، جنهن مطابق مرڪزي امام بارگاه حسيني مورو ۾ رات دير سان مجلس عزا برپا ڪئي وئي جنهن کي علامه اوشاق علي آمر، ذاڪر اهلبيت ضمير حسين شيخ آيل شيعا مومنين کي فضائل ۽ مصائب بيان ڪندي چيو ته حديث شريف ۾ پاڻ نبي ڪريم محمد صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو ته توهان کي منهنجي ذريعي خبردار ڪيو ويو آهي، ۽ توهان کي علي (ع) جي ذريعي هدايت ڏني ويندي، ۽ توهان کي امام حسن (ع) جي ذريعي نعمت ڏني ويندي، ۽ توهان امام حسين (ع) جي ذريعي خوش ۽ مطمئن رهندا، ۽ توهان ان کان سواءِ بدبخت رهندا. ڄاڻو ته حسين جنت جي دروازن مان هڪ آهي. جيڪو به ان سان دشمني ڪندو، الله تعاليٰ ان کي جنت جي خوشبوءِ کان منع ڪندو. جڏھن ته مصائب دوران هزارين شيعا مومنين زار و قطار روئيندي ڪربلا جي شھيدن کي پرسو ڏنو بعد ۾ نوحه خواني ڪئي وئي جنهن ۾ مقامي نوخه خوان اڪبر ڀٽ ۽ سيد علي شير شاھ، اللہ ڏنو عمراڻي، غلام حسين سمون ۽ ٻين نوحه خواني ڪئي جنهن تي مومنين سينا زني جو زوردار ماتم ڪيو بعد ۾ زيارت پڙھائڻ جو شرف سيد رياض حسين شاھ ڪاظمي حاصل ڪيو جنهن کان پوء جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو ۽ سيد گلڻ شاھ جي اڳواڻي ۾ مومنين ۾ نياز تقسيم ڪيو ويو.