ڊي سي لاڙڪاڻو شرجيل نور چنا ڏوڪري پهتو، محرم الحرام جي انتظامن جو جائزو ورتو

ڊي سي لاڙڪاڻو شرجيل نور چنا ڏوڪري پهتو، محرم الحرام جي انتظامن جو جائزو ورتو

ڏوڪري(رپورٽر) ڊي سي لاڙڪاڻو شرجيل نور چنه ڏوڪري پھچي محرم الحرام جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ تعلقه اسپتال ڏوڪري ۽ الحسيني مرڪزي امام بارگاھ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ايم ايس ڊاڪٽر پريل شاھ، پي پي ايڇ آء انچارج روشن پنھور، اسسٽنٽ مختيارڪار قاضي امجد بشير، اسسٽنٽ مختيارڪار ڪامران ضمير منگي سميت پوليس ۽ ميونسپل عملدار موجود ھئا. ان موقعي تي ڊي سي لاڙڪاڻو شرجيل نور چنه طرفان تعلقه اسپتال ڏوڪري ۾ ايمرجنسي وارڊ، دوائن ۽ ايمبولنس سميت ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف موجودگي کي يقيني بڻائڻ وارن انتظامن جو جائزو ورتو. ٻئي طرف ڊي سي لاڙڪاڻو الحسيني مرڪزي امام بارگاھ ڏوڪري پھچي شيعه علماء ڪائونسل جي اڳواڻن حاجي منظور جلباڻي، غلام اصغر جنتي، امتياز ڪولاچي، زوار وحيد قاضي، زيب قاضي ۽ ٻين صفائي سٿرائي، اسٽريٽ لائيٽ، بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ سڪيورٽي انتظامن سميت ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ڊي سي لاڙڪاڻو شرجيل نور چنه چيو ته لاڙڪاڻي ضلعي اندر محرم الحرام دوران سيڪيورٽي جا ڦول پروف بندوبست ڪيا ويا آهن ۽ امن و امان کي هر صورت ۾ قائم رکڻ سميت صفائي سٿرائي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي سميت ضلعي جي ماتمي جلوسن جي گذرگاهن ۽ مجلس دوران اسٽريٽ لائيٽ ۽ ٻين گھربل انتظامن کي يقيني بنائڻ لاءِ ھنگامن بنيادن تي قدم کنيا ويا آهن ته جيئن عوام خاص طور تي عزادارن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني نه ٿئي. هن سمورن فرقن سان واسطو رکندڙ عالم سڳورن ۽ مذهبي اڳواڻن تي پڻ زور ڀريو ته هو نيشنل ايڪشن پلان ۽ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي مڪمل عمل درآمد کي يقيني بنائين ۽ پاڻ ۾ مذهبي هم آهنگي، اتحاد، ڀائيچاري جي فضا کي قائم رکن. هن چيو ته اسان سڀ مسلمان آهيون ۽ اسان کي هڪ ٻئي جو خيال رکڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته اسلام امن، پيار ۽ محبت جو دين آهي. هن چيو ته محرم الحرام دوران سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي هر صورت ۾ عملدرآمد ڪرايو ويندو. پوليس ۽ روينيو کاتي طرفان ضلعي ء تعلقي سطح تي ڪنٽرول رومس قائم ڪيا ويا آهن، جن جي مان پاڻ مانيٽرنگ ڪندي سموري ضلعي جا دورا ڪري رھيو آھيان. هن چيو ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال، تعلقه هيڊ ڪوارٽر اسپتالون، رورل هيلٿ سنيٽرس ۽ بئسڪ هيلٿ يونٽس ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ميڊيڪل اسٽاف، ايمبولينس ۽ دوائن جي فراهمي يقيني بڻائي وئي آهي.