English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ کي جاگيرداري، سرداري ۽ وڏيري شاھي نظام کان آزاد ڪراڻو پوندو: اياز لطيف پليجو
251 views
|
17th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڪارپوريٽ فارمنگ يا پبلڪ پارٽنرشپ ڌاڙيل منصوبو آھي. سازش تحت سنڌ اندر ننڍيون ننڍيون رياستون ٺاھيون وينديون
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سنڌ کي جاگيرداري، سرداري ۽ وڏيري شاھي نظام کان آزاد ڪراڻو پوندو. ڪارپوريٽ فارمنگ يا پبلڪ پارٽنرشپ ڌاڙيل منصوبو آھي. گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ اندر ننڍيون ننڍيون رياستون ٺاھيون وينديون سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪري حق حڪمراني کان پري رکيو ويندو. جيستائين سنڌ دشمن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو رد نہ ڪيو ويندو ان وقت تائين جدوجھد جاري رھندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ڪرپشن، ڌاڙيل ڪلچر، ميرٽ جي لتاڙ، بيروزگاري سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي سنڌ جا خوشحال ماڻهو عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھن وقت سڀ کان وڌيڪ سنڌ مسئلن جي گھيري ۾ آھي، سنڌ جا ماڻھو بکيا ڪونہ آھن، سڀ وسيلا سنڌ ۾ 72 سيڪڙو گيس، 59 سيڪڙو پيٽرول، وڏي بندرگاھ، ڪارونجهر جپسم، گرينائيٽ سنڌ وٽ، ڪوسٽل بيلٽ سنڌ وٽ، دنيا جو ڇھون نمبر وڏي ۾ وڏو ڪوئلي جو ذخيرو سنڌ وٽ آھي، انھن سڀني وسيلن جي ھوندي انڊر اٽيڪ سنڌ آھي.ھن دور ۾ سنڌ مسئلن ۾ گھيريل آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ھٿ وٺي غربت ۽ بدحالي جي کڏ ۾ اڇلايو ويو آھي. زرعي تباھي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ غربت ۽ بيروزگاري جنم ورتو آھي. سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام کان مڪمل لاتعلق آھن. ڪرپٽ حڪمرانن جي ايجنڊا صرف پئسي جي ڦرلٽ آھي. جنھنڪري سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالون موت جو گھر آھن. اسڪولن ۽ ڪاليجن جي حالت رحم جوڳي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار جي حوس خاطر سنڌ دشمن فيصلا ڪري رھي آھي، سنڌ سرڪار جي سنڌ دشمن فيصلن جي ڪري سنڌ گھڻ رخي مسئلن ۾ جڪڙيل آھي.ايازلطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت جا سمورا کاتا عوام آزار بنجي ويا آھن پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ ۾ تعليم، صحت، روزگار، زراعت، صنعت، آئي ٽي ٽيڪنالاجي، خوشحالي ڏيڻ بدران سنڌ جي ماڻھن کي پينو فقيرن جو لشڪر بنائڻ چاھي ٿي تہ جنهن سنڌي ماڻھن ۾ پنھنجن بنيادي حقن لاءِ سياسي مزاحمت پيدا نہ ٿئي، جرئت نہ ٿئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه
0 تبصرے