English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مورو واقعي جي متاثرن سان يڪجهتي لاءِ پهتاسين، 54 کي گرفتار ۽ سوين ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي: سيد زين شاهه
83 views
|
18th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز(ڊر)ايس يو پي سنڌ جو صدر سيد زين شاه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مورو واقعي ۾ شهيد ٿيل ٻن نوجوانن ۽ جيل ۾ قيد 54 ڄڻن جي ڪيس جو اڄ چالان پيش ٿيڻو هيو جيڪو اڄ پيش نه ٿي سگهيو اسان ڳوٺ لغاري بجاراڻي جي ڳوٺاڻن ۽ قومي ڪارڪنن سان يڪجهتي طور آياسين پر کين عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو هن چيو ته پنهنجي ڌرتي ۽ پاڻيءَ جي مالڪي ڪرڻ لاءِ نڪتل پر امن احتجاج تي ويٺل ڪارڪنن مٿان رياست ۽ پيپلزپارٽي جي خانگي دهشتگردي ٻه نوجوان شهيد ڪيا ۽ ٻين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا جن کي مختلف جيلن ۾ قيد ڪيو ويو آهي هن چيو ته جعلي اليڪشن ذريعي آيل حڪمران وسيلن جي لٽ مار ۾ رڌل آهن جن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ڪجهه سياسي پارٽين کي سياست ڪرڻ ڏني پئي وڃي ته وري ٻين سياست ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ وطن جي دفاع ڪندڙ مالڪن کي يرغمال بڻايو ويو آهي پر اسان قومي ڪارڪنن کي اڪيلو نه ڇڏينداسون ساڻن هر جڳھ تي ساٿ ڏنو ويو آهي ۽ ڏينداسين آهي پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن هن وڌيڪ چيو ته مورو واقعي جي سياسي قيدين جي ملاقات بند ڪري انهن کي حراسان ڪيو ويو آهي ايس ايس پي چالان پيش ڪري بيگناهه قيد ٿيل کي انصاف فراهم ڪري جتوئي ڀائرن کي هروڀرو ڪيسن ۾ الجهائڻ وارو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي حقن جي لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي ان موقعي تي نائب صدر روشن ٻرڙو، اسلم ڪوريجو، رضا بهڻ، خادم سيال ،مهر وسطڙو، سڪندر اعظم ڪلهوڙو، آصف سولنگي ٻيا ڪارڪن موجوده هيا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سيد زين شاهه
0 تبصرے