English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين عبدالحميد جيسر جي صدارت ۾ اجلاس
views
|
22nd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوجوانن کي ٽيڪنيڪل سکيا ڏيڻ، سولر پليٽون ورھائڻ بابت ٺهراءُ پاس
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ٽائون ڪميٽي جو اجلاس، چيئرمين عبدالحميد جيسر مٿان آفيس ۾ ٿيل قاتلاڻي حملي جي مذمت، جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ، نوجوانن کي ٽيڪنيڪل سکيا ڏيڻ، سولر پليٽون ورھائڻ ۽ شھر مان منشيات ۽ ڏوھن جو خاتمي لاءِ يڪراءِ طور ٺھراءُ پاس ڪري ورتو. تفصيل موجب ڏوڪري ٽائون ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين عبدالحميد جيسر جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو ، جنھن ۾ وائيس چيئرمين سيف الله سومرو، ڪائونسلر حبيب الله کوکر، ڪاشف خاصخيلي، مونا فقير، پرھ ڍڪڻ، بشير ٿھيم، سھراب خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٽائون چيئرمين عبدالحميد جيسر مٿان آفيس ۾ ٿيل قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪندي، ملوث جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪرڻ جي قرارداد پاس ڪئي وئي، جڏھن تہ ڏوڪري جي نوجوانن کي بجلي، سولر سسٽم سميت ٽيڪنيڪل سکيا ڏيڻ لاءِ سينٽر قائم ڪرڻ، سولر پليٽون ورھائڻ ۽ شھر مان منشيات ۽ ڏوھن جو خاتمي لاءِ يڪراءِ طور ٺھراءُ پاس ڪري ورتو. ان موقعي تي خطاب ڪندي چيئرمين عبدالحميد جيسر چيو ته ڏوڪري ٽائون جي نوجوانن کي منشيات جو عادي بڻائي سندن مستقبل تباھ ڪيو پيو وڃي، عوامي نمائنده ھئڻ جي ڪري اسين منشيات فروشي جي مخالفت ڪندي صوبائي گھرو وزير، آء جي سنڌ ۽ ڊي آء جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ٿا ڪريون ته عوام جي آواز کي موٽ ڏيندي ڏوڪري شھر مان منشيات جو آزار ختم ڪيو وڃي. ھن چيو ته نوجوان کي بھتر مستقبل ڏيڻ لاءِ ٽائون ڪميٽي طرفان لائبريري ۽ فري ڪمپيوٽر سينٽر قائم ڪيو آهي، ھاڻي بجلي ۽ سولر سسٽم سميت ٽيڪنيڪل سکيا ڏيڻ لاءِ سينٽر قائم ڪنداسين جيئن نوجوان نسل پنھنجي مستقبل سنواري سگھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
چيئرمين عبدالحميد جيسر
ڏوڪري ٽائون ڪميٽي
0 تبصرے